Monday 26 September 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (26th September) By: Dr. Pathan




 ** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ خلافت ڪاميٽي جي ورڪنگ 
ڪاميٽي جو اجلاس ڪراچي ۾ سيٺ امين الدين جي صدارت ۾ ٿيو،
 جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مڪاني ادارن جي چونڊن جو
 بائيڪاٽ ڪيو ويندو، خلافت ڪاميٽي جو ڪوبه ميمبر اليڪشن
 ۾ نه بيهندو، جڏهن ته اهو به فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ تعليم 
کي هٿي ڏيڻ لاءِ نوان اسڪول کوليا ويندا ۽ ننڍا ننڍا مسئلا
 حل ڪرڻ لاءِ لوڪل پنچائتون ٺاهيون وينديون، سنڌ جي
 هارين کي سستي اگهه تي ٻج فراهم ڪيو ويندو، جڏهن ته 
غريب ماڻهن جي سهولت لاءِ يوٽيلٽي اسٽور پڻ کوليا ويندا.
** 1942ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خانبهادر الهه بخش سومري انگريزن
 طرفان مليل خانصاحب وارو خطاب واپس ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،
 جيتوڻيڪ هو ڪانگريس ۾ ڪڏهن به نه رهيو پر هن
 ذاتي طور تي اهو فيصلو ڪيو، جنهن ڪري تاريخ ۾ کيس فريڊم
 فائيٽر طور ياد رکيو وڃي ٿو، هن جي اهڙي قدم سبب ڪانگريس
 کي وڏي سياسي سپورٽ ملي، ان وقت ڪانگريس انگريزن خلاف
 ”هندستان خالي ڪريو تحريڪ“ هلائي رهي هئي.
** 1960ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪا جي ٻن صدارتي اميدوارن
 رچرڊ نڪسن ۽ سينيٽر جان ايف ڪئنيڊي ۾ ٽي وي تي ڊگهو
 بحث مباحثو ٿيو، جنهن کي اٽڪل 6 ڪروڙ ماڻهن ڏٺو، 
 نڪسن ريپبلڪن ۽ ڪئينيڊي ڊيموڪريٽس جو اميدوار هو،
انهيءَ بحث مباحثي کي دي گريٽ ڊبيٽ جو نالو ڏنو ويو،
 ٻنهي اميدوارن چونڊجڻ بعد پنهنجون ترجيحون بيان ڪيون.
 بحث دوران انهن ۾ ٽڪراءُ به نظر آيو.
** 1974ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عوامي ليگ جي سربراهه شيخ
 مجيب الرحمان پاڪستان سان ڳالهين دوران اهو شرط رکيو ته
 ٻين تڪراري معاملن تي ڳالهين کان پهرين
 پاڪستان 25 هزار بهارين کي قبول ڪري.
** 1984ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هانگ ڪانگ تي برطانيا جي 150
 سالن کان جاري حڪمرانيءَ جو خاتمو آيو، چين ۽ برطانيا ۾ ان 
حوالي سان هڪ معاهدو ٿيو، جنهن ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته 
هانگ ڪانگ کي 1997ع ۾ چين حوالي ڪيو ويندو، 
اهو معاهدو بيجنگ ۾ ٿيو.چين خاطري ڪرائي ته هانگ ڪانگ
 کي خودمختياري حاصل هوندي ۽ سڀ اختيار به اتان جي
 مقامي ماڻهن کي ڏنا ويندا.چيني حڪومت 
وٽ دفاع ۽ پرڏيهي معاملن جا اختيار هوندا.

** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم نواز شريف لنڊن
 ۾ ايم ڪيو ايم قائد الطاف حسين سان ملاقات ڪئي،
 نواز شريف کيس خاطري ڪرائي ته ايم ڪيو ايم سان ٿيل
 ٺاهه تي جلد عمل ڪرايو ويندو، اوهان حڪومت ۾ شامل ٿيو، 
الطاف چيو ته ٺاهه تي عمل شروع ٿيندو ته حڪومت ۾ اچي وينداسين. 

No comments:

Post a Comment