Monday 5 September 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (6th September) By: Dr. Pathan


** 1838ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جي سنڌ ۾ مقرر پوليٽيڪل
 ايجنٽ ڪرنل پوٽينجر پنهنجي سرڪار کي آگاهي ڏني 
ته شاهه شجاع الملڪ ۽ سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن سان 
تازه رابطا ٿيا آهن، ٽالپر حڪمرانن کي شاهه شجاع الملڪ 
جي حوالي سان جيڪي خدشا آهن، اهي دور ڪري رهيا آهيون.
** 1840ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار ميجر برائون
 کي ماڻهن بلوچستان جي ڪاهان واري علائقي ۾ پڪڙي ورتو،
 جنهن کانپوءِ ڪيپٽن ڪلبارن ميجر برائون کي ڇڏائڻ لاءِ
 جٿا وٺي ڄاڻايل علائقي ۾ ويو، هن کي ڪيترن ئي موقعن
 تي شڪست ٿي، جڏهن ته هن کان 1040 اٺ ۽ 6 ڍڳا پڻ ڦريا ويا،
 انگريزن کي بلوچ قبيلن جي ماڻهن انتهائي مشڪل وقت ڏنو.
** 1847ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز سرڪار فيصلو ٻڌايو ته بلوچ 
سردارن کي تيستائين جاگيرون نه ڏنيون وينديون، جيستائين 
اهي رهتون ادا نه ڪندا، جاگيرون
 ٽرسٽيز جي حوالي به ڪري سگهجن ٿيون.
** 1851ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز حڪومت اهو قانون 
لاڳو ڪيو ته سنڌ ۾ سرڪاري نوڪري ان ماڻهو کي ملندي، 
جنهن کي سنڌي ٻولي ڳالهائڻ ايندي، جنهن کي سنڌي ٻولي نه ايندي، 
ان کي سرڪاري نوڪري نه ڏني ويندي. آرڊر
 ۾ چيو ويو ته سرڪاري نوڪري حاصل 
ڪرڻي آهي ته پوءِ سنڌي ٻولي سکڻي پوندي.
** 1886ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر 
جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اهو فيصلو
 ڪيو ويو ته سنڌ ۾ ڪاليج قائم ڪيا ويندا، جيڪي
سرندي وارن ماڻهن جي مدد سان هلندا، اهي ڪاليج 
هلائڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي قائم ڪئي ويندي، جنهن ۾
 مختلف نمائندا شامل هوندا، حڪومت
 اهڙا نمائندا نامزد ڪندي جيڪي فنڊ ڏيندا.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي نوابزاده لياقت علي خان
 پنهنجي خاندان سان گڏ هڪ چارٽرڊ جهاز
 ۾ ڀارت کان ڪراچي ايئرپورٽ پهتو.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ميجر جنرل اسڪندر مرزا 
کي پاڪستان جو وقتي گورنر جنرل مقرر ڪيو ويو،
 واضح رهي ته ان دور ۾ مقررين دوران
 چونڊ ڪئي ويندي هئي، ڪابه اليڪشن نه ٿيندي هئي،
 پاڪستان جي قيام بعد شروع وارن ڏينهن ۾ ته
 وزيراعظم پڻ اليڪشن ذريعي نه ايندا هئا.
** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خان عبدالغفار خان ڀارتي 
حڪومت جي دعوت قبولي ورتي، ڀارت جي اختيارين
کيس دعوت نامو موڪليو ته هو ڀارت جو دورو ڪري.

** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو
 مخالف ڌر جي اتحاد پي اين اي کي ڌمڪي
 ڏني ته پي اين اي جيڪو به قدم کڻندي پ پ ان جي
  ردعمل ۾ جواب ڏيندي، پيپلزپارٽي پي اين اي کي هر محاذ تي جواب ڏيندي.

No comments:

Post a Comment