Saturday 24 September 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (24th September By: Dr. Pathan



** 1832ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جي پوليٽيڪل ايجنٽ ڪرنل 
پوٽينجر پنهنجي سرڪار کي معلومات فراهم ڪئي ته خيرپور 
رياست ۾ مير علي مراد خان ٽالپر ۽ سندس ٻن وڏن ڀائرن وچ
 ۾ جنگ جا امڪان پيدا ٿيا هئا، جنگ جو سبب ڪجهه علائقا هئا.
** 1853ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي شڪارپور جي ڊپٽي ڪليڪٽر اسسٽنٽ
 ڪمشنر آف جاگيرس جي تيار ڪيل رپورٽ ڪمشنر کي 
موڪلي ڏني، هن رپورٽ ۾ پنهنجون اهي سفارشون شامل 
ڪيون ته پير فدا محي الدين سرهندي جي
 پٽ پير محمد اشرف کي جاگير ڏني وڃي.
** 1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي مان شايع ٿيندڙ اخبار
 روزاني الوحيد مسجد منزل گاهه واري معاملي تي ڪافي 
مثبت لکيو ۽ سرڪار کي اهي صلاحون ڏنيون ته فوري 
طور تي هي مسئلو حل ڪيو وڃي، نه ته مسلمان به تحريڪ 
شروع ڪندا، جنهن کانپوءِ حڪومت وٽ ڪوبه
 آپشن نه هوندو ۽ ڪو نقصان پڻ ٿي سگهي ٿو.
** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مولوي عبدالحق بلوچستان 
سرڪار کان مطالبو ڪيو ته اردو ٻوليءَ کي
 صوبي جي سرڪاري ٻولي قرار ڏنو وڃي.
** 1957ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ويسٽ پاڪستان ڪابينا ون
 يونٽ جي حمايت ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو
 ته صوبن کي خودمختياري ڏني وڃي.
** 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پي ڊي اي سرڪار
 خلاف اڇو چٺو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ عام چونڊن دوران 
اءِ جي آءِ پاران ڪيل ڌانڌلين جا ثبوت پيش ڪيا ويا، اڇي چٺي
 ۾ چيو ويو ته آءِ جي آءِ ڌانڌلين ذريعي گهٽ ۾ گهٽ 70 سيٽون حاصل ڪيون آهن.
**1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم نواز شريف 
۽ ڀارتي وزيراعظم اٽل بهاري واجپائي ۾ اهم ملاقات ٿي، 
جنهن ۾ واگها بارڊر ۽ کوکراپار توڙي موڻاٻائو سرحد ٻيهر
 کولڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي ملڪن جي سربراهن دهلي
 ۽ لاهور وچ ۾ بس سروس شروع ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو
.پاڪ ڀارت سربراهن جو چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن ۾ تڪرارن
 جي حل لاءِ ڳالهين جو پهريون دور اسلام آباد ۾ شروع ٿيندو،
 جنهن کانپوءِ نئين دهلي ۾ ڳالهيون ڪيون وينديون. نيويارڪ
 ۾ ٿيل انهيءَ ملاقات دوران واجپائي ۽ 
نواز شريف ۾ هاٽ لائن قائم ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو

No comments:

Post a Comment