Saturday 3 September 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (3rd September) By: Dr. Pathan


** 1832ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪرنل پوٽينجر ڪمانڊنگ 
آفيسر سنڌ فورس ليفٽيننٽ ڪرنل لچفيلڊ کي خط لکي
 چيو ته پارڪر واري علائقي ۾ انگريزن کي
 ڦريندڙ ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي،
 ان حوالي سان آئون توهان کي مدد لاءِ پنهنجن ڪجهه دوستن 
جون ايڊريسون موڪليان ٿو، انهن ڦورن جو تعداد وڌ
 ۾ وڌ 2000 آهي پر اها ڳالهه ذهن ۾ رکجو ته اتي رهندڙ
 کوسا ڪلهوڙن جا وفادار رهيا آهن، انهن جي موجوده ٽالپر
 حڪمرانن سان ايتري ناهي لڳندي، ان ڪري انهن
 سان سٺي نموني ڊيلنگ ڪئي وڃي، ڦورو ڳوٺن بدران 
وانڍن ۾ رهن ٿا، جن ۾ ميڻا قبيلي جا ماڻهو به شامل آهن، 
واضح رهي ته ٿر ۽ پارڪر وارا علائقا انگريزن لاءِ 
انتهائي مشڪلات جو سبب رهيا، ايسٽ انڊيا ڪمپني
 جا ماڻهو زمين رستي هندستان کان ٿر ۽ پارڪر 
۾ داخل ٿي سنڌ ايندا رهيا، جنهن تي ٿر ۽ پارڪر 
جي ماڻهن انهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي،
 جن کي هنن ڦورو قرار ڏنو، اهي اصل ۾ سنڌ جا اهي سپوت هئا،
 جيڪي انگريزن جي سنڌ ۾ آمد کي روڪي رهيا هئا،
 ٿر جي کوسن، ٺاڪرن ۽ ميڻن ايسٽ انڊيا ڪمپني 
کي روڪڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڪارروايون ڪيون.
** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي برطانوي 
سرڪار ڊپٽي ڪليڪٽرن کي 700 رپيا الائونس ڏيڻ
 واري سنڌ جي گورنر جي حڪم جي منظوري ڏني،
 جڏهن ته گورنر کي اهو چيو ويو ته ڪاردارن  جي 
معاملن کي صحيح نموني چيڪ ڪيو وڃي.
** 1844ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستاني سرڪار
 سنڌ جي گورنر چارلس نيپيئر جي ميجر آئوٽرام خلاف
 موڪليل شڪايت تي جواب موڪلي ڏنو،
 گورنر پنهنجي سرڪار کي شڪايت ڪئي 
هئي ته آئوٽرام جو رويو صحيح نه آهي.
** 1921ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ گجراتي ادبي
سوسائٽي قائم ڪئي وئي، جنهن ڊي جي سنڌ ڪاليج
۾ ليڪچر پروگرام ڪرايو، جتي پروفيسر تري
 ديو گجراتي ادب جي تاريخ تي ليڪچر ڏنو.
** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خلافت ڪاميٽي طرفان
 نئون ديرو ويجهو شاهه جو ڳوٺ ۾ عوامي گڏجاڻي
 ڪوٺائي وئي، جنهن جي صدارت مولوي خدا بخش ڪئي، 
گڏجاڻي ۾ انگريز سرڪار خلاف هلندڙ
 تحريڪ جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ملڪي تاريخ ۾ پهريون
 ڀيرو عوام گهرن ۾ سوئي گئس استعمال ڪرڻ
 شروع ڪيو، سڀ کان پهريان ڪراچي
 مان سوئي گئس جي سپلاءِ شروع ٿي.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو 
کي نواب محمد احمد خان قصوري جي قتل 
ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو. ان ڪيس ۾ کيس ڦاهي ڏني وئي.

No comments:

Post a Comment