Monday 12 September 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (12th September) By: Dr. Pathan



  ** 1855ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جاگيرن بابت اسسٽنٽ 
ڪمشنر شڪارپور، اوٻاوڙو، نوشهرو، سکر ۽ گهوٽڪي 
جي جاگيرن بابت تفصيل تيار ڪري ورتا.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پشاور مان رئيس المهاجرين 
جان محمد جوڻيجو هڪ بيان جاري ڪيو ته افغانستان ڏانهن 
هجرت ڪندڙ سنڌي فوري طور تي هجرت روڪي ڇڏين،
 ڇاڪاڻ ته افغانستان ۾ سنڌين لاءِ سازگار ماحول ناهي،
 افغانستان ۾ هيل تائين 40 هزار سنڌي پهچي چڪا آهن،
 هن پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته افغانستان حڪومت اسان
 کي چيو آهي ته وڌيڪ سنڌي ماڻهن کي افغانستان ۾ ترسائڻ ۽ 
انهن جي رهائش جو بندوبست ڪرڻ سرڪار لاءِ ممڪن ناهي.
** 1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حاجي عبدالله هارون سنڌ جي
 وزيراعظم خان بهادر الهه بخش سومرو سان ملاقات ڪئي ۽ 
ساڻس مسجد منزل گاهه معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، انهيءَ 
ملاقات کانپوءِ حاجي عبدالله هارون هڪ پريس بيان جاري ڪري 
خانبهادر الهه بخش سومري تي اهو الزام لڳايو ته هو مسجد 
منزل گاهه معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ سنجيده ناهي.
** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سهروردي جي ڪابينا 
حلف کڻي ورتو، جنهن ۾ عوامي ليگ ۽ ريپبلڪن جا ميمبر شامل هئا،
 ڪابينا ۾ رڳو هڪ سنڌي وزير مير غلام علي ٽالپر شامل هو.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو ۽ صدر يحيٰ خان
 وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ بنگال واري صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قومي اسيمبلي ۾ 
لنڊن پلان تي بحث دوران مخالف ڌر جي ميمبرن سخت 
احتجاج ڪندي واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو.

** 1978ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي نواب اڪبر خان بگٽي کي
 نااهل قرار ڏنو ويو، چيو ويو ته هو ايندڙ 7 سالن تائين پارلياماني
 سياست نٿو ڪري سگهي ۽ چونڊ نٿو وڙهي سگهي.

No comments:

Post a Comment