Thursday 29 September 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (29th September) By: Dr. Pathan



** 1838ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار ڪرنل پوٽينجر پنهنجي 
سرڪار کي صلاح ڏني ته ڪراچي جي قلعي تي قبضو ڪيو وڃي، 
جڏهن ته حيدرآباد ۾ موڪليل فورس کي وڌيڪ طاقتور بڻائڻ لاءِ 
ڪڇ ۽ ڊيسا واري علائقي مان وڌيڪ فوجي موڪليا وڃن.
** 1911ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ سنڌ هلال احمر سوسائٽي 
جو قيام عمل ۾ آندو ويو، مير ايوب پهريون صدر ۽ حاجي عبدالله هارون 
سيڪريٽري هو، اها سوسائٽي قائم ڪرڻ جو مقصد فنڊ گڏ ڪرڻ ۽
 اٽلي ۾ متاثر ٿيل مسلمانن لاءِ امداد موڪلڻ هو.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان جي قيام کانپوءِ پهرين 
منارٽي ڪانفرنس ڍاڪا ۾ منعقد ڪئي وئي،
 جنهن جي صدارت ايسٽ پاڪستان جي وڏي وزير نورالامين ڪئي،
 ڪانفرنس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سڀني مذهبن
 جي ماڻهن کي مذهبي آزادي ڏني وڃي.
** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وفاقي حڪومت سنڌ سرڪار 
جي جاگيرداري نظام جي خاتمي واري سفارش تي
 غور ويچار شروع ڪري ڇڏيو.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ساهيوال ۾ بينظير ڀٽو هڪ 
عوامي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي جنرل ضياءُالحق کي چتاءُ ڏنو
 ته جيڪڏهن سندس والد کي ڦاهيءَ تي لٽڪايو ويو ته پوءِ
 ملڪ جي پنجن دريائن جو پاڻي رت ۾ ڳاڙهو ٿي ويندو، 
اهڙي اعلان کانپوءِ جنرل ضياءَ بينظير ڀٽو کي نظربند ڪرائي ڇڏيو.
**1997ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي افغانستان ۾ طالبان مزار شريف 
تي ٻيهر قبضي جي دعويٰ ڪئي، طالبان اڳواڻن بيان
 ۾ چيو ته مزار شريف جو هوائي اڏو قبضي ۾ اچي ويو آهي 
۽ شهر جو گهيراءُ ڪري ٻاهرين فورسز کي
 ٻاهر نڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.
**1999ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي نواز شريف جي سرڪار
جي ترجمان اعلان ڪيو ته جنرل پرويز مشرف آڪٽوبر
 2001ع تائين آرمي چيف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف 
اسٽاف ڪاميٽي جي عهدن تي رهندو، تبديلي جا رڳو افواهه آهن،
صدر رفيق تارڙ پرويز مشرف جي چيئرمين
 جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي طور مدي ۾ واڌ ڪئي آهي،
 وزيراعظم هائوس جي ترجمان جو چوڻ هو ته سرڪار ۽ 
آرمي چيف ۾ ڪي به اختلاف ناهن، واضح رهي ته نواز شريف
 ۽ جنرل مشرف ۾ وڏي عرصي کان اختلاف هلي رهيا هئا، 
جنهن جون خبرون اخبارن ۾ اچي رهيون هيون، ۽ پوءِ 
جنرل پرويز مشرف 12 آڪٽوبر 1999ع تي نواز شريف 
جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري کيس گرفتار ڪرائي ڇڏيو هو.

No comments:

Post a Comment