Friday 30 September 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (30th September)) By: Dr. Pathan



** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي تعليم کاتي سنڌ جي چارج رکندڙ اسسٽنٽ ڪمشنر
 سنڌ جي ڪمشنر کي رپورٽ پيش ڪئي ته ڪراچي انگلش اسڪول
  ۾ اسسٽنٽ ماسٽر نارائڻ جڳن ناٿ سنڌي ۾ امتحان پاس ڪيو
 آهي، ان ڪري سندس پگهار ۾ 20 رپيا واڌ ڪرڻ جو ڪيس 
بمبئي سرڪار کي موڪليو وڃي، واضح رهي ته اين جي وي هاءِ
 اسڪول ڪراچي سندس نالي سان منسوب آهي، نارائڻ جڳن
 ناٿ تعليم جي بهتري لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو.
** 1885ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ قائم ٿيل ميڪس ڊينسو
 هال ادبي سوسائٽي طرفان ليڪچر پروگرام منعقد ڪرايو ويو، جنهن
 جو عنوان ”هندو بيواهه عورت“ هو، اها پهرين سنڌي ادبي سوسائٽي 
هئي، جنهن ۾ ناليوارن سنڌي ليکڪن شموليت ڪئي، سوسائٽي طرفان
 ٿيل ڪيترين ئي گڏجاڻين ۾ ديوان ديارام گدومل،
 ڪوڙومل چندن مل ۽ هيرانند شرڪت ڪئي.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي رئيس المهاجرين جو خطاب ماڻيندڙ
 بئريسٽر جان محمد جوڻيجو افغانستان مان لاڙڪاڻي پهتو،
 هن جو چوڻ هو ته افغانستان ۾ هجرت ڪري ويل سنڌين 
جي مدد لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ خاطر آيو آهي، افغانستان ۾ موجود
 سنڌي ڪيترن ئي مالي ۽ رهائشي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن،
 هجرت ڪندڙ سنڌين جي ڪير به
 مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، اهي بي يارو مددگار آهن.
** 1938ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مسلم ليگ طرفان ميرو خان
 ويجهو ڳوٺ محبوب تنيو ۾ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي،
 جنهن جي صدارت ميان جي محمد يوسف قريشي ۽ ابو عبيد الله
 ڪئي، جڏهن ته مولوي محمد دائود مک مقرر هو،
 گڏجاڻي ۾ جمعيت علماءِ سنڌ کي ڪانگريس 
جي حامي پارٽي قرار ڏنو ويو.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان جي دستور ساز اسيمبلي
 ۾ ون يونٽ وارو معاملو پيش ڪيو ويو، جنهن جي حمايت
 ۾ 43 ووٽ پيا، جڏهن ته 13 ميمبرن ون يونٽ جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو.
** 2002ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر جنرل پرويز مشرف
 اعلان ڪيو ته ڪالاباغ ڊيم ضرور ٺاهينداسين، جيتوڻيڪ 
صوبن جو ان تي اتفاق راءِ ناهي پر اسان جلد اتفاق راءِ پيدا 
ڪري وٺنداسين، ڀاشاڊيم کانپوءِ ڪالاباغ ڊيم ٺاهيو ويندو،
 اهي ڳالهيون هن آزاد ڪشمير ۾ منگلا ڊيم جي اوچائي 
وڌائڻ واري رٿا جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.

No comments:

Post a Comment