Saturday 10 September 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (10th September) By: Dr. Pathan



** 1835ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جي سنڌ ۾ مقرر پوليٽيڪل
 ايجنٽ ڪرنل پوٽينجر پنهنجي سرڪار کي آگاهي ڏني ته
مير نور محمد خان ٽالپر کيس چيو آهي ته ميڊيڪل 
آفيسر فراهم ڪيو وڃي، جيڪو هندستاني سرڪار حيدرآباد
 موڪلي ۽ سندس علاج ڪرايو وڃي، پوٽينجر پنهنجي
 سرڪار کي اهو به ٻڌايو ته ٽالپر حڪمران رنجيت سنگهه
 جي شڪارپور تي حملي واري معاملي تي پڻ سخت پريشان آهن.
** 1847ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مير علي مراد خان ٽالپر
 انگلينڊ مان واپس پنهنجي گهر پهتو، انگريز عملدار مسٽر
 ڪوفي هندستان جي برطانوي سرڪار کي خط موڪليو
 ته مير مراد ٽالپر سرڪار جي رويي مان خوش ناهي،
 رئيس واري اعزاز جي بحالي ۽ علائقي جي واپسي
 لاءِ هن جيڪو ڪيس داخل ڪيو هو، ان تي اڳڀرائي ناهي ٿي،
 انگلينڊ جي دوري دوران مير علي مراد خان ٽالپر انهي 
معاملي تي راڻي وٽ پٽيشن پڻ جمع ڪرائي آهي پر کيس
 اهو چيو ويو آهي ته مسئلو هندستاني سرڪار سنڌ جي
 ڪمشنر جي جاچ ۽ رپورٽ جي بنياد تي ئي حل ڪري سگهي ٿي.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هڪ ڊراماٽڪ ڪمپني ايڇ
 بي وارنگ ڪراچي پهتي ۽ انگريزي ۾ اسٽيج ڊراما شروع ڪيا،
 واضح رهي ته انگريزن جي قبضي دوران ڪيتريون ئي
 ڊراماٽڪ ڪمپنيون سنڌ آيون ۽ ڪراچي سميت 
مختلف شهرن ۾ اسٽيج ڊراما ڪنديون رهيون.
** 1921ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي رتوديرو ۾ سر شاهنوار 
خان ڀٽو جي صدارت ۾ هڪ عوامي گڏجاڻي ٿي، 
ان موقعي تي امن سڀا جي شاخ کولي وئي، جنهن جو صدر شاهنوار ڀٽو، 
نائب صدر راءِ بهادر مولچند، سيڪريٽري ديوان ڀوڄراج، 
جنرل سيڪريٽري هرداس مل کي چونڊيو ويو، جڏهن ته
40 ميمبرن تي ٻڌل پروپئگنڊا ڪاميٽي پڻ ٺاهي وئي، 
جنهن کي چيو ويو ته هو خلافت ڪاميٽي ۽ ڪانگريس جي 
سرڪار خلاف تحريڪ جو جواب ڏئي.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان جي دستور
 ساز اسيمبلي جو پهريون اجلاس شروع ٿيو، ڪراچي
 ۾ شروع ٿيل اجلاس ۾ ايسٽ بنگال مان 40 ميمبرن 
شرڪت ڪئي، جڏهن ته پنجاب مان 7، اين ڊبليو 
ايف پي مان 3، بلوچستان مان هڪ ۽ سنڌ مان 4
ميمبرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ قائد اعظم کي اسيمبلي جو
 صدر چونڊيو ويو ۽ مولوي تميز الدين ڊپٽي صدر چونڊيو ويو.
** 1953ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سانگهڙ کي ضلعي جو
 درجو ڏنو ويو، جنهن ۾ سانگهڙ، سنجهورو،
 پٿورو ۽ شهدادپور تعلقا شامل هئا.

** 1981ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بينظير ڀٽو جي 
حراست ۾ وڌيڪ ٽن مهينن جي واڌ ڪئي وئي،
 جنرل ضياءُ کيس ڪراچي جيل موڪلي ڇڏيو.

No comments:

Post a Comment