Sunday 11 September 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (11th September) By: Dr. Pathan


** 1846ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي حڪومت سنڌ جي
 جاگيردارن جو ساڳيو مان مرتبو، پوزيشن ۽ اهليت برقرار رکي.
** 1919ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي برطانوي
 سرڪار باضابطه طور هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري
 ڄاڻايو ته پهرين مهاڀاري ويڙهه دوران هنن ماڻهن اهم 
خدمتون سرانجام ڏنيون، انهن ۾ ڪراچي سان تعلق رکندڙ
 ديوان ٽيڪچند او بي  اِي انڊين سروسز، 
ٺاڪرداس جگاسيا، هوتچند جتاڻي، ڪشوري لال، 
جي راهومل، ڪيهر سنگهه جواهر سنگهه، بي نارائڻ داس، 
رام ڏتومل، لالا جواهر مل ۽ وزيرمل اتم سنگهه جا نالا شامل آهن.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي باني پاڪستان
 قائداعظم محمد علي جناح گهڻو عرصو بيمار رهڻ بعد
 دم ڌڻي حوالي ڪيو، کيس بيماري جي حالت ۾ زيارت 
کان ڪراچي آندو پئي ويو، ڪراچي ۾ ماڙيپور ايمبولينس
 ۾ اچي رهيو هو ته اٽڪل 5 ميلن کانپوءِ رستي ۾ ايمبولينس 
خراب ٿي وئي، قائداعظم کي جهاز اٽڪل سوا 4 وڳي شام جو
 ڪراچي پهچايو ۽ هو رات جو سوا 10 وڳي ڌاري وفات ڪري ويو.
** 1960ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حڪومت 
ڪراچي کي ڊويزن جو درجو ڏئي ڇڏيو.
** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي چليءَ جي چونڊيل جمهوري صدر
  ۽ مارڪسٽ اڳواڻ سلوادور الندي کي هٽائي ايوان صدر مان
ٻاهر ڪڍيو ويو، هن فوجي جنرلن آڏو پيش ٿيڻ بدران آپگهات
 ڪري ڇڏيو. ايوان صدر تي بمباري به ڪئي وئي.
** 1988ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جسٽس رٽائرڊ قادر الدين 
کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو، ان کان اڳ ۾ جنرل
 رٽائرڊ رحيم الدين سنڌ جو گورنر هو.
** 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ بينظير ڀٽو 
عوامي گڏجاڻي کي خطاب ڪيو ۽ سرڪار کان اهو
 مطالبو ڪيو ته فوري طور تي قومي حڪومت جوڙي وڃي، 
جيڪا صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائي ۽ اقتدار 
عوام جي چونڊيل نمائندن حوالي ڪري.
** 2001ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي نائن اليون وارو
 واقعو پيش آيو، آمريڪا جي ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي 
حملو ڪري وڏي دهشت پکيڙي وئي، ٻن جهازن
 ذريعي نيويارڪ ۾ قائم ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي بلند 
عمارت کي نشانو بڻايو ويو، آمريڪا ان حملي بعد 
ملڪ ۾ هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو ۽ دهشتگردن
 خلاف ڪارروائي جو اعلان ڪيو، انهيءَ حملي کانپوءِ
 آمريڪا افغانستان تي حملو ڪري طالبان جي حڪومت ختم ڪئي.

No comments:

Post a Comment