Friday 16 September 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (17th September) By: Dr. Pathan


** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانيا طرفان ترڪي تي فتح
 حاصل ڪرڻ کانپوءِ جتي دنيا جي مختلف حلقن مان برطانيا
 کي مبارڪون ڏنيون ويون، اتي سنڌ ۾ خلافت ڪاميٽي
 طرفان برطانيا تي ڇتي تنقيد ڪئي وئي، لاڙڪاڻي ۾ باقراڻي
 ويجهو ملا ابڙو ڳوٺ، قمبر، ڏوڪري، وڳڻ ۽ ٻين شهرن
 ۾ خلافت ڪاميٽي جون گڏجاڻيون ٿيون، جنهن ۾ ڪمال
 عطا ترڪ جي خدمتن جي تعريف ڪئي وئي
۽ برطانوي پاليسي کي ننديو ويو. ترڪي جي
 خلافت ختم ٿيڻ سان پاڪستان
۾ خلافتي ورڪرن کي وڏو ڌچڪو رسيو.
** 1957ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سرڪار ملڪ
۾ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ جي معاملي تي غور لاءِ هڪ
 ڪميشن قائم ڪئي، ڪجهه ماڻهن جو مطالبو هو
 ته وڌيڪ صوبا ٺاهيا وڃن، اصل ۾ انهن ماڻهن ۾ اهڙا ماڻهو شامل هئا،
 جيڪي 2 قومي نظريي جا حامي نه هئا ۽
پاڪستان کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ جا حامي هئا.
** 1962ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايسٽ پاڪستان شريف
 ڪميشن تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو، ايسٽ پاڪستان جي
مختلف شهرن ۾ هڙتالون ڪيون ويون، هنن جو چوڻ هو ته شريف
 ڪميشن جي سفارشن سان ايسٽ بنگال کان تاريخي، آئيني، سماجي حيثيت کسي ويندي.
** 1966ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل موسيٰ خان کي ويسٽ
 پاڪستان جو گورنر مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته جنرل يحيٰ خان
 کي ڪمانڊر ان چيف آف دي آرمي بڻايو ويو.
** 1995ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي
 وزير غلام مصطفيٰ کر ننڍن صوبن جي مخالفت باوجود
 چيو ته ڪالاباغ ڊيم ضرور ٺاهيو ويندو.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ 3 ماڙ عمارت
 ڌماڪي سان ڊهي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڪٽنب
 جا 7 ڀاتي فوت ٿي ويا، ڪاٻاڙي بازار ۾ واقع اها عمارت
زبون قرار ڏني وئي هئي، هڪ ئي گهر جا 7 ڀاتي فوت ٿيڻ تي ڪهرام مچي ويو.
** 2000ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عراق معائنو ڪندڙ انسپيڪٽرن
جي غيرمشروط واپسي تي راضپو ظاهر ڪيو، عراقي صدر
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي خط لکي آگاهه ڪيو
هو ته اهي انسپيڪٽرن کي واپسي جي اجازت ڏيڻ لاءِ تيار آهن،
 موتمار هٿيارن بابت تاثر کي رد ڪرڻ گهرجي، اسان وٽ ڪي
 به موتمار هٿيار ناهن، جڏهن ته عراق جي نائب وزيراعظم
 چيو ته عراق تان پابنديون ختم ڪيون وڃن،
آمريڪا عراق جي اهڙي آڇ کي رد ڪندي چيو ته اها عراق جي نئين چال آهي.

No comments:

Post a Comment