Tuesday 13 September 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (13th September) By: Dr. Pathan



** 1847ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خيرپور ۾ مقرر ريزيڊنٽ آفيسر
 سنڌ جي ڪمشنر کي درخواست موڪلي هزهائينس مير علي مراد خان 
سان رابطو ڪرڻ جي اجازت گهري، مير علي مراد خان سان ملڻ جو
 مقصد سندس لاءِ خيرپور جي ٻاهران رهائشگاهه تعمير ڪرائڻ هو.
** 1848ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بگٽي قبيلي جي ماڻهن خلاف
 آپريشن دوران شڪارپور ۽ حيدرآباد مان ڪجهه گرفتاريون
 ڪيون ويون ۽ انهن گرفتار ٿيل ماڻهن کي جنگي 
قيدي قرار ڏنو ويو، شڪارپور ۾ گرفتار ٿيل بگٽين 
جي ماڻهن کي ڪليڪٽر ۽ مئجسٽريٽ جي حوالي ڪيو ويو، 
جڏهن ته لوئر سنڌ مان پڪڙيل ماڻهن کي ٽنڊو غلام علي ۾ رکيو ويو.
** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هڪ بنگالي برهمڻ حڪومت
 کي خبر ڏني ته ريجمينٽ نمبر 21 حڪومت خلاف بغاوت 
جو پلان ٺاهيو آهي، اهڙي اطلاع کانپوءِ تمام جلد سرچ آپريشن 
شروع ڪيو ويو ۽ ڪيترن ئي باغين کي گرفتار ڪيو ويو، 
اهڙي معلومات گڏ ڪرڻ ۾ سيٺ نائومل جو اهم ڪردار رهيو.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آزاد رياست حيدرآباد دکن پنهنجي
 آزادي وڃائي ڇڏي، حيدرآباد دکن کي هندستان جي قبضي ۾ ڏنو ويو.
** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سلامتي ڪائونسل گڏيل قومن 
۾ پاڪستان جي ميمبر شپ بابت آيل تجويز تي بحث شروع ڪري ڇڏيو.
** 1958ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پختون 
اڳواڻ خان عبدالغفار خان کي گرفتار ڪيو ويو.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاهور هاءِ ڪورٽ ذوالفقار علي ڀٽو
 کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ٻڌائي ڇڏيو،
 ذوالفقار علي ڀٽو گرفتاري بعد عدالت ۾ ضمانت جي
 درخواست داخل ڪئي هئي، جيڪا منظور ڪئي وئي.
** 1993ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اسرائيلي وزيراعظم رابن 
۽ فلسطين جي آزادي پسند جماعت پي ايل او جي اڳواڻ ياسر
 عرفات آمريڪا جي ٽياڪڙي ۾ ٿيندڙ امن معاهدي لاءِ
 وائيٽ هائوس ۾ شرڪت ڪري پاڻ ۾ هٿ ملايو. هڪٻئي
 جا دشمن بڻيل ٻئي اڳواڻ صدر بل ڪلنٽن جي موجودگي ۾ 
هڪٻئي سان مليا.امن معاهدي ۾ اهو طئي ٿيو ته اسرائيل پهرين
 مرحلي ۾ فلسطين جي والاريل علائقي مان پنهنجون فوجون
 واپس ڪندو. واضح رهي ته انهيءَ معاهدي تي امن ٿيڻ دوران 
اسرائيلي وزيراعظم رابن کي 1995ع ۾ قتل ڪيو ويو.
** 1999ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد ۾ پ پ جي
 احتجاج تي پوليس ڪڙڪي پئي، لٺبازي ۽ شيلنگ ۾ ڪيترائي
 اڳواڻ زخمي ٿي پيا.خورشيد شاهه، ناصر شاهه،
 سليم خورشيد کوکر، سهراب سرڪي
 ۽ ٻين کي گرفتار ڪيو ويو، يوسف ٽالپر لٺبازي دوران زخمي ٿي پيو
 اهو احتجاج گرينڊ الائنس جي سڏ تي سڄي ملڪ ۾ ڪيو ويو هو.

No comments:

Post a Comment