Saturday 24 September 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (25th September) By: Dr. Pathan


** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي گورنر جنرل سنڌ جي گورنر
 چارلس نيپيئر کي هدايت ڪئي ته سر آغا خان بغداد وڃڻ جي 
خواهش ڏيکاري آهي، کيس الائونس ڏيڻ سان گڏ مڪمل مدد ڪئي وڃي.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گورنر جنرل هڪ آرڊيننس جاري
 ڪندي حڪم ڏنو ته هندستان مان وڏي تعداد ۾ ٿيندڙ لڏپلاڻ کي روڪيو وڃي.
** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان حڪومت ڀارت خلاف
 اڇو چٺو جاري ڪندي چيو ته ڀارت 
پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿو.
** 1957ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وفاقي ڪابينا ون يونٽ واري
 معاملي تي ورهائجي وئي، ڪجهه وزيرن حمايت ڪئي ته 
ڪجهه وزيرن مخالفت ڪري ڇڏي، پر ان 
باوجود ون يونٽ لاڳو ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويو.
** 1966ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ويسٽ پاڪستان ڪابينا حلف کنيو،
 سنڌ سان تعلق رکندڙ محمد خان جوڻيجو
 کي ڪميونيڪيشن ۽ پلاننگ جو وزير بڻايو ويو.
** 1979ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ملڪ ۾ پهريون ڀيرو غير
 جماعتي بنيادن تي مڪاني ادارن جون چونڊون ڪرايون ويون،
 جنرل ضياءُالحق طرفان ڪرايل انهن چونڊن بعد اليڪشن 
ڪميشن اعلان ڪيو ته 17 نومبر تي عام چونڊون ڪرايون وينديون.
**1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پ پ جي چيئرپرسن چيف جسٽس 
آف پاڪستان کي خط  لکيو ته سندس ور آصف علي زرداري 
کي قتل ڪرڻ جي سازش تيار ڪئي پئي وڃي، ان ڪري کيس 
تحفظ ڏنو وڃي، سنڌ حڪومت ان ڳالهه کان باخبر آهي، 
آصف تي حملي جو موقعو ڳوليو پيو وڃي.
** 1999ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ حڪومت گرينڊ ڊيمو
ڪريٽڪ الائنس کي ڪراچي ۾ ريلي ڪڍڻ نه ڏني، نثار کهڙو،
 ناهيد خان، آفتاب شيخ، نسرين جليل، رضا رباني، 
قائم علي شاهه، نادر مگسي، آفتاب شعبان ميراڻي ۽ 
ٻيا اڳواڻ گرفتار ڪيا ويا، پوليس احتجاج ڪندڙن تي
 ڪڙڪي پئي ۽ شيلنگ ڪري ڏني، وزيراعظم جي صلاحڪار
 غوث علي شاهه چيو ته گرفتار ٿيل اڳواڻن کي حڪومت نه پر
عدالت آزاد ڪندي، واضح رهي ته لياقت علي جتوئي جي 
حڪومت ختم ڪرڻ بعد غوث علي شاهه کي وزيراعظم 
جو صلاحڪار بڻائي سنڌ حڪومت هلائي پئي وئي.

No comments:

Post a Comment