Sunday 4 September 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (4th September) By: Dr. Pathan



** 1841ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار ليفٽيننٽ ٽيري کي 
شڪارپور ضلعي جي سروي جي ذميواري ڏني وئي، انهن ڏينهن
 ۾ سنڌ اڃا تائين ٽالپر حڪمرانن جي صاحبي ۾ هئي،
 ان باوجود انگريزن جا پوليٽيڪل ايجنٽ ۽ اسسٽنٽ
 ايجنٽ سرگرم رهيا، ليفٽيننٽ پوسٽنس ۽ ميجر اوترام
 کي فري هينڊ ڏنو ويو هو، جنهن ڪري اهي مختلف ضلعن 
جا سروي ڪري رهيا هئا ۽ سنڌو درياءَ ۾ 
ٻيڙيون هلائڻ جهڙا فيصلا ڪري رهيا هئا.
** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ هندستان جي گورنر جنرل چارلس
 نيپيئر کي چيو ته مياڻي واري جنگ کانپوءِ هٿ آيل
 3 بندوقون انگلينڊ موڪليون وڃن، جيڪي يادگار 
طور بمبئي ۽ گورنمينٽ هائوس ڪلڪتا ۾ رکيون وينديون.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پنجاب جي وڏي وزير فيروز
 خان نون ويسٽ پاڪستان فيڊريشن قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي.
** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري
 جنرل ان خدشي جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ 
ڀارت وچ ۾ هڪ وڏي جنگ شروع ٿي سگهي ٿي.
 سندس اهو خدشو اڳتي هلي صحيح ثابت ٿيو.
** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو
 اپوزيشن جماعتن سان ڳالهين دوران اعلان ڪيو ته  گرفتار
 ٿيل سڀني سياسي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويندو.
 سندن مطالبا منظور ڪيا ويندا.
** 1978ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀارت ۾ ٻوڏ وڏي تباهي 
مچائي ڇڏي، اٽڪل 1000 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽
 20 لک بي گهر ٿيا، ويسٽ بنگال جي علائقي
 ۾ ٻوڏ اچڻ جو سبب يمنا ندي ۾ چاڙهه اچڻ هو، 
حڪومت هنگامي حالتن جو اعلان ڪندي 
ڪيترن ئي علائقن ۾ گهر خالي ڪرائي ڇڏيا.
**1985ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اٽڪل 73 سالن کانپوءِ تباهه
 ٿيل ٽائيٽانڪ جهاز جون تصويرون جاري ڪيون ويون،
 اهو جهاز ٻڏڻ سان 1500 جي لڳ ڀڳ ماڻهو فوت ٿي ويا هئا.
انهيءَ جهاز حادثي تي بعد ۾ هالي ووڊ ۾ فلم به ٺاهي وئي.


No comments:

Post a Comment