Thursday 22 September 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (23rd September) By: Dr. Pathan



** 1841ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي شڪارپور ۾ مقرر انگريزن جي
 پوليٽيڪل ايجنٽ ليفٽيننٽ پوسٽنس ڪرنل پوٽينجر کي آگاهي ڏني 
ته شڪارپور جي سروي وارو ڪم في الحال روڪيو ويو آهي،
 اهو ڪم ليفٽيننٽ ٽيري طرفان ٻيهر شروع ڪرڻ جا امڪان آهن،
 واضح رهي ته انهيءَ دور ۾ اڃا سنڌ ۾ ميرن جي صاحبي هئي پر
 ان باوجود انگريزن پاڻمرادو سروي ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا.
** 1936ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌي مسلمان سياسي اڳواڻن 
سنڌ جي بمبئي کان ڌار ٿيڻ کانپوءِ سياسي پارٽيون ٺاهڻ 
شروع ڪيون، ان حوالي سان ڪراچي ۾ حاجي عبدالله هارون 
جي رهائشگاهه تي گڏجاڻي ٿي، ان موقعي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي
جو قيام عمل ۾ آندو ويو، اها پارٽي ٺاهڻ ۾ عبدالله هارون ۽ سر
 شاهنواز ڀٽو اهم ڪردار ادا ڪيو پر
 اليڪشن ۾ ٻنهي ڄڻن کي شڪست نصيب ٿي.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان
 کي گڏيل قومن جو ميمبر بڻايو ويو.
** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد ۾ ”مهاجرن جي مدد ڪريو“
جي عنوان سان هفتو ملهايو ويو، پهرئين ڏينهن تي سنڌي
 ماڻهن ۽ مختلف تنظيمن هندستان مان آيل مهاجرن لاءِ کاڌو،
 ڪپڙا ۽ ٻيون شيون گڏ ڪيون، جڏهن ته مختلف هنڌن تي
 ٿيل گڏجاڻين ۾ اهي فيصلا ڪيا ويا ته مهاجرن کي رهائش لاءِ
 گهر يا پلاٽ ڏنا وڃن، سنڌي ماڻهن انهن جي وڌ ۾ وڌ مدد ڪئي،
 تاريخ مدد جي ڪيترن ئي واقعن سان ڀري پئي آهي پر افسوس
جو اهي ماڻهو اڄ سنڌ کي ورهائڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان جي دستور ساز اسيمبلي
 گورنر جنرل کي اهو اختيار ڏنو ته هو ون يونٽ
 جي حوالي سان قانون ۾ ترميمون ڪري.
** 1957ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي راڻي چندر سنگهه کي ويسٽ 
پاڪستان وزارت ۾ ڊپٽي وزير بڻايو ويو.
** 1960ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ويسٽ پاڪستان حڪومت 
جي وزير مير علي نواز خان ٽالپر کي نااهل قرار ڏنو ويو.
** 1962ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀنڀور ماڳ جي کوٽائي ڪندڙ
 ماهرن کي انهيءَ جاءِ تي هڪ مسجد هٿ آئي. 
جڏهن ته وڌيڪ آثارن جي ڳولا لاءِ کوٽائي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

No comments:

Post a Comment