Tuesday 20 September 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (21st September) By: Dr. Pathan



** 1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مسجد منزل گاهه ڪاميٽيءَ جي چيئرمين
خانبهادر محمد ايوب کهڙي سنڌ جي گورنر کي خط لکي درخواست 
ڪئي ته مسجد منزل گاهه جو تڪرار حل ڪرائڻ لاءِ هو آئيني 
ڪردار ادا ڪري، هن خط ۾ خانبهادر الهه بخش سومرو خلاف 
شڪايت ڪئي، ايوب کهڙي چيو ته الهه بخش سومرو
 هي تڪرار حل ڪرائڻ لاءِ ڪوشش نه پيو وٺي. ان جو نوٽيس ورتو وڃي.
** 1958ع  ۾ اڄوڪي تاريخ تي قائداعظم جي ڀيڻ فاطمه جناح 
هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته قومي اسيمبلي ۾ عوام
 جي ووٽ تي چونڊجي ايندڙ ايم اين ايز سماج جي بهتري
 لاءِ ڪوبه ڪم نه پيا ڪن، اهي پنهنجو فرض ادا ڪرڻ ۾
 ناڪام ويا آهن، جنهن ڪري عوام جا ڏک ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿا وٺن.
** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀارت جي پرڏيهي وزير وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو
 تي الزام لڳايو ته هو شملا معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري
 رهيو آهي، جنهن سان پاڪ ڀارت لاڳاپن
 کي نقصان پهچي سگهي ٿو. وزيراعظم ڀٽو اهي الزام رد ڪيا.
** 1990ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قومي اسيمبلي ٽوڙڻ ۽ پ پ حڪومت
 برطرف ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي لاهور 
هاءِ ڪورٽ ۾ شروع ٿي، عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري
 ڪري جواب طلب ڪيو، بينظير ڀٽو جي پهرين
 حڪومت کي برطرف ڪرڻ خلاف لاهور هاءِ 
ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي هئي.
** 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي نواز شريف جي حڪومت 
اعلان ڪيو ته ڪالاباغ ڊيم رٿا گڏيل مفادن واري ڪائونسل 
جي ايجنڊا ۾ شامل آهي، ان ڪري حڪومت هن رٿا کي ڪڏهن
 به نظرانداز نٿي ڪري سگهي، ڪالا باغ ڊيم ملڪ لاءِ 
فائديمند آهي، اهو ڊيم ضرور ٺاهيو ويندو، مخالفت ڪندڙن 
وٽ مخالفت جو ڪو ٺوس دليل ئي ناهي.
** 1993ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بينظير ڀٽو نواز شريف
 بابت ڳالهائيندي چيو ته نواز شريف سنڌ مان هڪ سيٽ به
 کٽي نٿو سگهي، هن وزيراعظم هجڻ دوران سنڌ جي هارين
 ۾ جيڪا زمين ورهائي، اهو سڄو فراڊ هو، هو سنڌ ۾
 بدامني جو ذميوار آهي، هن وقت جيڪا به
 لاقانونيت آهي، اها به نواز شريف جي ڪري آهي.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪي صدر بل
 ڪلنٽن جو پنهنجي اسسٽنٽ مونيڪا ليونسڪي سان
 افيئر بابت جيوري طرفان ورتل انٽرويو عوام لاءِ 
پڌرو ڪيو ويو، اهو انٽرويو حڪومت طرفان جوڙيل 
جيوري جي ميمبرن هڪ ٽي وي اسٽيشن ۾ ورتو، جيڪو
 ڪيترن ئي چئنلن تي ڏيکاريو ويو.

No comments:

Post a Comment