Monday 5 September 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (5th September) By: Dr. Pathan



** 1844ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار ميجر 
آئوٽرام سر چارلس نيپيئر کي سخت پريشان ڪيو، 
هن چارلس نيپيئر جي سنڌ بابت پاليسيءَ تي ڪيترائي
 سوال اٿاريا، جنهن ڪري مجبور ٿي گورنر چارلس 
نيپيئر پنهنجي حڪومت کي اپيل موڪلي،
 جڏهن ته هندستاني حڪومت انهيءَ اپيل تي
 ميجر آئوٽرام کي وضاحت لاءِ طلب ڪيو.
** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي شڪارپور ۾ مذهبي 
عالمن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن جي صدارت مولانا تاج محمود
 امروٽي ڪئي، ان موقعي تي سنڌ جمعيت العلماءِ شڪارپور
 جي شاخ کولي وئي ۽ مولانا حماد الله کي صدر بڻايو ويو.
** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ چيف ڪورٽ غلام محمد
 لغاري ۽ مولوي عزيز الله جروار کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
** 1959ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ايوب خان چيو ته
 ڪراچي کان 90 ميلن جي مفاصلي تي هڪ ٻي 
بندرگاهه ٺاهڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، صدر ايوب شايد
 اهو اعلان ان ڪري ڪيو ته سوئيز ڪئنال ويجهو هو،
 جنهن سان ملڪ کي روس، چين ۽ وچ ايشيا جو گيٽ
 وي بڻائڻ ۾ مدد ملي ها پر ڪجهه مسئلن سبب ان ڳالهه 
تي عمل نه ٿي سگهيو، جنهن ڪري اڄڪلهه اسان 
اتر کان ڏکڻ ۽ افغانستان کان بلوچستان تائين 
جاگرافيائي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهيون.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ عوامي ليگ
 سان تعلق رکندڙ ڪجهه اسيمبلي ميمبرن ذوالفقار علي ڀٽو
 سان ملاقات ڪئي ۽ بنگال ۾ پيدا ٿيل
 بحران جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون.
** 1995ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پنجاب صوبي ۾ وڏي وزير منظور
 وٽو خلاف بغاوت ٿي وئي، پ پ جا 14 وزير ۽
 جوڻيجو ليگ جا 4 صلاحڪار استعيفا ڏئي هليا ويا،
 صدر فاروق لغاري پنجاب اسيمبلي کي معطل ڪري ڇڏيو، 
سمورا اختيار گورنر جنرل (ر) سروپ خان کي ڏنا ويا.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ملڪ جي مک سياسي
 جماعتن ”نواز شريف هٽايو، آئين بچايو“ تحريڪ 
هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، بينظير ڀٽو،
 سردار عطاءُ الله مينگل، نوابزاده نصرالله خان،
 اجمل خٽڪ، حئي بلوچ ۽ ٻين جماعتن جا اڳواڻ نواز
 سرڪار خلاف هڪ ٿي ويا، اسلام آباد م ڄاڻايل
 جماعتن جي اڳواڻن جي ٿيل اجلاس ۾
تحريڪ هلائڻ جو باضابطا اعلان ڪيو ويو.

No comments:

Post a Comment