Thursday 8 September 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (8th September) By: Dr. Pathan



** 1838ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستاني سرڪار سنڌ ۾ 
مقرر پنهنجي پوليٽيڪل ايجنٽ ڪرنل پوٽينجر کي مير
 نور محمد خان ٽالپر جي حوالي سان خط لکيو، پوٽينجر 
کي ڪيپٽن برنس جي حوالي سان پڻ آگاهي ڏني وئي ته
 کيس خيرپور جي دوري لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن 
ضروري هوندو ته هن جي آزادي ۽ چرپر جي حوالي سان
 مير حڪمرانن سان نئون معاهدو ڪيو ويندو، 
کيس مڪمل تحفظ پڻ ڏياريو ويندو.
** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ريلوي ڪمپني 
سکر کان شڪارپور ۽ جيڪب آباد تائين ريلوي جي پٽڙي
 وڇائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، واضح رهي ته انهن ڏينهن
 ۾ سنڌ ريلوي جو خودمختيار کاتو موجود هو.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ هندستان
 مان آيل ملازمن گورنمينٽ هائوس تي حملو ڪري ڏنو، 
انهن جو مطالبو هو ته سندن گهرڀاتي ۽ مائٽ هندستان
 کان پاڪستان اچي رهيا آهن، انهن جي
 ٽرانسپورٽ جو بندوبست ڪيو وڃي.
** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان سميت
 49 ملڪن جي نمائندن جاپان امن
 معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون.
** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم محمد علي بوگر
ا وزارت عظميٰ توڙي پارٽي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي،
 هو مسلم ليگ جو اهم اڳواڻ پڻ هو.
** 1964ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قائداعظم محمد علي جناح 
جي ڀيڻ مادر ملت فاطمه جناح صدارتي اليڪشن وڙهڻ لاءِ 
راضپو ظاهر ڪيو، هن اهو فيصلو ڊڪٽيٽرشپ جي خاتمي
 ۽ جمهوريت کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪيو، هن جو مقابلو صدر ايوب خان 
سان ٿيو. جيڪو کيس هارائي ويو.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ذوالفقار علي ڀٽو
 مولانا مودودي سان ملاقات ڪئي ۽ ساڻس سياسي
 بحران جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل ضياءُالحق اعتراف ڪيو
 ته وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي سندس
 حڪم تي گرفتار ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته هن خلاف
 ڪجهه شاهديون موجود هيون، جنهن ڪري اهڙو
 فيصلو ڪرڻو پيو. واضح رهي ته جنرل ضياءُ الحق ذوالفقار علي ڀٽو
 جي سرڪار مٿان ڪرپشن جو الزام به لڳايو.

No comments:

Post a Comment