Wednesday 21 September 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (22nd September) By: Dr. Pathan



** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بنگالين مطالبو ڪيو ته بنگالي
 ٻولي کي ٻيو نمبر قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي، انهيءَ مطالبي
 کانپوءِ پاڪستان سرڪار سيفٽي ايڪٽ 
کي وڌيڪ ڪيترن ئي سالن لاءِ وڌائي ڇڏيو.
** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سڪرنڊ ۾ ٿيل هاري
 ڪانفرنس جي موقعي تي هاري ڪاميٽي جا نوان
 عهديدار چونڊيا ويا، قاضي فيض محمد کي صدر، 
مولوي عزيز الله جروار ۽ دوست محمد ابڙو کي نائب صدر،
 غلام حسين سومرو کي جنرل سيڪريٽري، سيد زين العابدين
 ۽ حڪيم محمد موسيٰ کي جوائنٽ سيڪريٽري،
 عبدالواحد مولائي کي خزانچي چونڊيو ويو،
 جڏهن ته ورڪنگ ڪاميٽي ۾ حافظ نيڪ محمد، 
حاجي محمد عالم مڱريو، محمد نواز پٺاڻ، رئيس نذير حسين، 
مولوي محمد معاذ، حيدر بخش جتوئي، الهه رکيو چانڊيو،
 الاهي بخش قريشي، نبي بخش تنيو، مولوي نذير حسين، الهجڙيو، 
يار محمد رند، پير محمد علي شاهه، مجنون مسلم، احمد دل،
 مولوي شاهه محمد، شاهه بخاري، علاءُالدين سمون،
 مولوي محمد هارون ۽ ٻين کي ميمبر چونڊيو ويو.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي کي وفاقي سرڪار
 جي ڪنٽرول ۾ آندو ويو، واضح رهي ته پاڪستان جي
 قيام جي پهرئين ڏينهن کان وٺي ڪجهه قوتن جي اها 
ڪوشش رهي ته ڪراچي کي سنڌ کان کسيو وڃي، 
ان ڪري مختلف وقتن تي ڪوششون ٿينديون رهيون،
 سنڌي ڪراچي کي وفاق جي ڪنٽرول ۾ ڏيڻ جي مخالفت ڪندا رهيا.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پنجاب يونيورسٽي ايشيا 
جي ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضياءُالحق کي پي
 ايڇ ڊي جي اعزازي ڊگري ڏئي ڇڏي.
** 1993ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بينظير ڀٽو هڪ تقريب کي خطاب 
ڪندي چيو ته نواز شريف ضياءُالحق جي پيداوار آهي،
 هو ڪراچي ۽ حيدرآباد کي سنڌ جي مک سياست 
مان آئوٽ ڪرڻ چاهي ٿو، هو سنڌ جي ثقافت کي نقصان پهچائڻ
 جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، نواز شريف ملڪ جي 
واپاري برادري جي حمايت ڪندو رهيو آهي،
 جنهن ڪري ئي عام استعمال جي شين جون قيمتون وڌي رهيون آهن.

No comments:

Post a Comment