Wednesday 7 September 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (8th September) By: Dr. Pathan


** 1886ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر جي صدارت
 ۾ ڪراچي ۾ ٿيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ هڪ نئون
 ڪاليج قائم ڪيو ويندو، جنهن کي هلائڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي
 ٺاهي ويندي، جيڪا ڪاليج جا معاملا هلائڻ لاءِ فنڊ گڏ ڪندي.
** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪوٽڙي ۾ خلافت ڪاميٽي طرفان
 ”فتح جو ڏهاڙو“ ملهايو ويو، اهو ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد غازي
 ڪمال مصطفيٰ جي ليڊرشپ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ هو.
** 1931ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گول ميز ڪانفرنس جي فيڊرل 
اسٽرڪچر ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سائيمن ڪميشن 
۽ نهرو رپورٽن تي غور ويچار ڪيو ويو.
** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پنجاب ڪسان ڪانفرنس طرفان
 اهو مطالبو ڪيو ويو ته زمينداري نظام ختم ڪيو وڃي.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٺٽي 
ضلعي ۾ 15 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ سوين زخمي ٿيا.
** 1958ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مسقط جي سلطان
 پاڪستان سان سٺي تعلقات لاءِ گوادر 
جو علائقو پاڪستان حوالي ڪري ڇڏيو.
** 1959ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان جي گادي
 واري شهر جي چونڊ لاءِ هڪ ڪميشن جوڙي وئي،
 جنهن کي چيو ويو ته هو پلان پيش ڪري، دلچسپ ڳالهه 
اها آهي ته پاڪستان جي قيام وقت لاهور يا ڍاڪا کي 
گادي وارو شهر بڻائڻ جون تجويزون رد ڪيون ويون هيون
 ۽ ڪراچي کي گادي جو شهر بڻايو ويو هو، هندستان 
مان وڏي انگ ۾ مهاجرن جي آمد سبب ڪراچي ۾ امن
 امان جو مسئلو پيدا ٿي ويو، جنهن بعد گادي وارو شهر
 ڪراچي مان اسلام آباد منتقل ڪيو ويو.
** 1992ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پي ڊي اي پارليامينٽ 
۾ وزيراعظم جي خطاب جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، بعد 
۾ ايران جو صدر خطاب ڪرڻ آيو ته مخالف ڌر جا ميمبر پڻ واپس اچي ويا.

No comments:

Post a Comment