Monday 19 September 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (19th September)) By: Dr. Pathan



** 1835ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جي سنڌ ۾ مقرر پوليٽيڪل
 ايجنٽ ڪرنل پوٽينجر پنهنجي سرڪار کي آگاهي ڏني ته هو
 ڀڄ واري علائقي ۾ موجود آهي ۽ مير رستم علي خان ٽالپر 
جو وڪيل ديوان لڪشمڻ داس پڻ هتي پهتو آهي، هو ڪيترائي 
تحفا ۽ پيغام کڻي آيو آهي، مير رستم خان انگريز
 حڪومت سان دوستي جي خاطري ڪرائي ٿو.
** 1845ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪئنالن ۽ ٻيلن بابت سپرنٽينڊنٽ
 سنڌ جي ڪمشنر وٽ سکر ۽ شڪارپور وچ ۾ بند تعمير
 ڪرائڻ جي حوالي سان تجويزون جمع ڪرايون.
** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن خلاف هلندڙ خلافت 
ڪاميٽي جي تحريڪ دوران باڊهه سان تعلق رکندڙ مولوي محمد صديق
 مستقبل ۾ حڪومت کان ڪابه مالي امداد يا گرانٽ نه وٺڻ جو اعلان ڪيو.
** 1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻي سان تعلق
رکندڙ خانبهادر غلام محمد اسراڻ پنهنجن ڪجهه
 ساٿين سان گڏ سکر پهتو ۽ مسجد منزل گاهه تحريڪ
 ۾ حصو ورتو، جڏهن ته پير غلام مجدد جا چاهيندڙ
 پڻ مٽياري مان سکر پهتا، پير مجدد کي گرفتار ڪيو ويو هو.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان جي قيام
 کانپوءِ سرڪاري طور تي ڪاروهنوار هلائڻ جو 
پهريون ڏينهن شروع ٿيو، مختلف آفيسن ۾ ويٺل ملازمن 
سرڪاري ڪم جي شروعات ڪئي.
** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم لياقت علي خان
 جي قتل جي جاچ لاءِ سرڪار طرفان
 اعليٰ سطحي جاچ ڪميشن قائم ڪئي وئي.
** 1959ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هڪ سرڪاري نوٽيفڪيشن 
جاري ڪري ڄاڻايو ويو ته گوادر جو علائقو قلات ڊويزن جي
 مڪران ضلعي جي انتظامي ڪنٽرول ۾ رهندو.
** 1960ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ايوب خان ۽ ڀارتي وزيراعظم 
جواهر لال نهرو وچ ۾ پاڻي جي معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون، 
پاڪستان راوي، ستلج ۽ بياس نديون ڀارت کي
 وڪرو ڪري ڇڏيون، جڏهن ته چناب، 
جهلم ۽ سنڌو درياءَ پاڪستان پاڻ وٽ رکيا.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بيگم نصرت ڀٽو ذوالفقار علي ڀٽو 
جي گرفتاري کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو.هن جو موقف هو 
ته ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم کي غيرقانوني طور حراست ۾ رکيو ويو آهي.

No comments:

Post a Comment