Tuesday 27 September 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (28th September) By: Dr. Pathan



**  1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عمرڪوٽ ۾ خلافت ڪاميٽي
 جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ مقررن خطاب ڪندي 
سياست جي اهميت تي ڳالهايو، خلافت ڪاميٽي جي اڳواڻن
عوام کي صلاح ڏني ته اسلام، سنڌ ۽ هن سماج جي عظيم تر 
مفادن ۾ سياست ۾ حصو ورتو وڃي.
** 1934ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ”دي چنڊ“ نالي اخبار نٿورام جي
 قتل جي مذمت ڪئي، هن جيڪو ڪتاب ڇپرايو ان تي پنجاب 
۾ ڪوبه ايڪشن نه کنيو ويو، جڏهن
 ته سنڌ ۾ کيس عدالت آڏو قتل ڪيو ويو.
** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پنجاب جي زميندارن وڏي وزير
 ميان ممتاز دولتانه سان ملاقات ڪئي ۽ زميني سڌارن
 بابت تجويزن تي پنهنجي تحفظات کان آگاهه ڪيو.
** 1958ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم ملڪ فيروز خان نون
 پاڪستان ۾ جمهوريت کي درپيش خطرن جي نشاندهي ڪئي، 
واضح رهي ته ملڪ ۾ شروع کان ئي جمهوريت خطري هيٺ رهي آهي.
** 1959ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پي آءِ ڊي سي طرفان ٺاهيل پهرئين 
سامونڊي جهاز کي وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو، 
جنهن جي قيمت 2 لک 20 هزار رپيا رکي وئي.
** 1964ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وفاقي حڪومت جماعت اسلامي
 تي لڳايل پابندي ختم ڪري ڇڏي.
** 1970ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان مصري صدر 
جمال عبدالناصر جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ مصر
 جي حڪومت کي تعزيتي پيغام موڪليو.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان پيپلزپارٽي خلاف
 سڄي ملڪ ۾ ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو، ڪراچي ۽
 لاهور مان وڏي انگ ۾ سياسي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو، 
عبدالوحيد ڪٽپر، چاڪر خان جوڻيجو، مولانا احترام الحق
 کي ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي مان گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو ويو،
پي اين جي جي اڳواڻ مفتي محمود ذوالفقار علي ڀٽو تي
 الزام لڳايو ته هو 30 سياسي اڳواڻن جي قتل جو ذميوار آهي.

No comments:

Post a Comment