Monday 26 September 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (27th September) By: Dr. Pathan



** 1851ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي جي وڏن واپارين بمبئي
 پريزيڊنسي کي ميونسپل ايڪٽ جي حوالي سان پٽيشن موڪلڻ
 لاءِ مسودو تيار ڪيو، ڪراچي جي واپارين جو مطالبو هو
 ته ميونسپل ايڪٽ ۾ تبديليون ڪيون وڃن.
** 1919ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ خلافت ڏهاڙو ملهايو ويو،
 مختلف شهرن ۾ جلوس ڪڍيا ويا ۽ عوامي گڏجاڻيون ڪوٺايون ويون،
 سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ اهي وڏي سياسي سرگرمي هئي، جنهن ۾
 انگريز سرڪار خلاف جلوسن ۾ تقريرون ڪيون ويون.
** 1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مسجد منزل گاهه واري معاملي تي
 ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کي روڪڻ لاءِ سکر جي 
انتظاميا قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته اهو اعلان پڻ 
ڪيو ويو ته ڊسٽرڪٽ پوليس ايڪٽ جو قلم
 42 پڻ پهرين آڪٽوبر کان لاڳو ڪيو ويندو.
** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان جي دستور ساز اسيمبلي
 سرڪار کي سفارش ڪئي ته پاڪستان جي پارليامينٽ
 ٻن ايوانن تي مشتمل هئڻ گهرجي ۽ مٿئين ايوان 
۾ چئني صوبن کي برابر نمائندگي ڏني وڃي.
**1970ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عرب اڳواڻن اردن امن معاهدي
 تي صحيحون ڪيون، اردن جي بادشاهه شاهه حسين ۽
 فلسطيني اڳواڻ ياسر عرفات 10 ڏينهن جي جنگ کانپوءِ 
جنگبندي تي اتفاق ڪيو، مصر جي گادي واري شهر قاهره ۾
 امن معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون، جنهن ۾ اهو طئي 
ڪيو ويو ته فوري طور تي اردن مان فورسز کي ٻاهر ڪڍيو ويندو،
 انهيءَ معاهدي تي مصر سميت 8 عرب ملڪن جي اڳواڻن صحيحون ڪيون.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀارت گڏيل قومن جي
 جنرل اسيمبلي جي هلندڙ اجلاس دوران اها ڪوشش
 ڪئي ته ايسٽ پاڪستان وارو معاملو بحث هيٺ آڻڻ
 لاءِ ايجنڊا ۾ شامل ڪرايو وڃي. پر ان ۾ هو ناڪام رهيو.
** 1975ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جعلي ڊگرين جي معاملي ۾ لاهور 
مان 8 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، انهن تي الزام هو ته هنن
 مختلف ماڻهن کي جعلي ڊگريون جاري ڪرائڻ ۾ ساٿ ڏنو آهي.
**1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانوي اخبار آبزرور رپورٽ ۾
 انڪشاف ڪيو ته نواز شريف ساڍا 9 ملين پائونڊ پرڏيهي
 اڪائونٽن ۾ منتقل ڪيا ۽ اتي جائيدادون خريد ڪيون آهن،
 رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته سئيز بئنڪ ۾ نواز شريف جا 30
 ملين پائونڊن جا اثاثا آهن، جڏهن ته هن لنڊن ۾ 4 مي فيئر فليٽ
 3 ملين پائونڊن ۾ خريد ڪيا آهن، رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو ته 
اتفاق ڪمپني 8 ملين ڊالرن کان وڌيڪ جي رقم پرڏيهه منتقل
 ڪئي آهي.پاڪستان ۾ شريف ڀائرن جا 500 ملين پائونڊن
 جا اثاثا آهن.اخبار اها به دعويٰ ڪئي ته شريف خاندان
جا برطانيا، آمريڪا، سعودي عرب، ڪويت، سوئيٽزرلينڊ ۽ ٻين ملڪن ۾ اثاثا آهن.

No comments:

Post a Comment