Monday 19 September 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (20th September) By: Dr. Pathan



** 1841ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي گورنر جنرل انگريز
 عملدار ليفٽيننٽ فيري کي هدايت ڪئي ته سنڌ ۽ بيگاري ڪئنالن
 جي حوالي سان رپورٽ تيار ڪئي وڃي ۽ اهو ٻڌايو وڃي
 ته انهن ڪئنالن کي ڪهڙي ريت ٻيڙا هلائڻ لاءِ استعمال
 ڪري سگهجي ٿو يا آبپاشي مقصدن لاءِ ڪم آڻي سگهجي ٿو.
** 1884ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻي ۾ مرزا قلب علي 
لاهوري جي سهڪار سان سنڌ محمدن ايسوسيئيشن
 جي شاخ کولي وئي ۽ عهديدار چونڊيا ويا.
** 1933ع  ۾ اڄوڪي تاريخ تي مشهور اسڪالر ڊاڪٽر
 ايني بسنت وفات ڪري وئي، هوءَ پهرين آڪٽوبر 1847ع 
تي لنڊن ۾ پيدا ٿي هئي، ڊاڪٽر ايني بسنت هندستان ۽ 
سنڌ ۾ ٿيوسافي تحريڪ جي اڳواڻ هئي، هن هوم رول ليگ
 جو بنياد وڌو، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، سائين جي ايم سيد، 
جمشيد مهتا ۽ ٻيا سنڌ جا ڪيترائي اڳواڻ سندس سياسي پوئلڳ رهيا، 
ايني بسنت جي نالي سان حيدرآباد ۾ بسنت هال پڻ موجود آهي.
** 1949ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ جاگيرداري نظام جي 
خاتمي لاءِ روينيو واري سيڪريٽري کي سنڌ سرڪار طرفان
 هدايتون جاري ڪيون ويون ته هو ان حوالي سان 
هڪ قانوني بل جو مسودو تيار ڪري.
** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پريس ۾ اها رپورٽ شايع ٿي
 ته فاطمه جناح ۽ لياقت علي خان ڏانهن 
مختلف مدن ۾ 24 لک رپين جون رهتون آهن.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حڪومت خيرپور، 
بهاولپور ۽ بلوچستان کي صوبي جو  درجو ڏيڻ
 واري تجويز تي غور شروع ڪري ڇڏيو.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪجهه سياستدانن ايوب خان 
کان اهو مطالبو ڪيو ته ون يونٽ واري معاملي تي ريفرنڊم ڪرايو وڃي.
** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پير علي محمد شاهه
 راشدي کي حڪومت مصر ۾ پاڪستان جو سفير مقرر ڪيو.

No comments:

Post a Comment