Thursday 8 September 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (9th September) By: Dr. Pathan




** 1842ع ۾ سنڌ تي اڃا انگريزن جو قبضو نه ٿيو هو
 ۽  ٽالپر حڪمرانن جو راڄ برقرار هو،
 ان دوران مير علي مراد خان، مير رستم خان ۽ 
مير نصير خان وچ ۾ جهيڙو شروع ٿيو، 
برطانوي حڪومت جي ايجنٽ ڪيپٽن برائون کي مسئلو
 حل ڪرڻ لاءِ چيو ويو ۽ مٿس اعتماد ڪيو ويو،
 اڄوڪي تاريخ تي مير مراد علي خان ٽالپر جو خط ڪيپٽن
 برائون کي مليو، جنهن ۾ هن مير نصير خان جي
 شڪايت ڪئي هئي، اهڙي طرح مير حڪمرانن انگريزن
 کي پنهنجن معاملن ۾ مداخلت جو موقعو فراهم ڪيو ۽ 
اهڙي طرح انگريز هنن جي ڳچيءَ ۾ پوندا ويا 
۽ آخر ۾ ٽالپر حڪمرانن کي اقتدار به ڇڏڻو پيو.
** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد ۾ آرٽلري
 سان تعلق رکندڙ عملدارن کي گرفتار ڪيو ويو،
 انهن تي اهو الزام لڳايو ويو ته اهي حڪومت خلاف 
سازش ڪري رهيا آهن، سڀني کي ڪورٽ مارشل
 کي منهن ڏيڻو پيو، انهن مان 8 ڄڻن کي جنم ٽيپ 
جي سزا ٻڌائي وئي، جڏهن ته 8 ڄڻن کي موت جي سزا آئي.
** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قمبر ۾ خلافت ڪانفرنس
 جي پهرئين ڏينهن تي مولانا عبدالڪريم چشتي 
صدارت ڪئي، ڪانفرنس ۾ وڏي انگ ۾
 ڪانگريس جي اڳواڻن ۽ ورڪرن پڻ شرڪت ڪئي.
ڪانفرنس ۾ انگريز سرڪار خلاف هلندڙ 
تحريڪ جي حوالي سان تقريرون ڪيون ويون.
** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان مان آيل
 اٽڪل هڪ هزار مهاجرن سيالڪوٽ ۾ رهڻ کان 
انڪار ڪري ڇڏيو. جن کي سنڌ ۾ موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
** 1960ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي تاريخي ماڳ ڀنڀور
 جي کوٽائي ڪئي وئي، جتان ڪيترائي انساني هڏا پڻ هٿ آيا.
** 1997ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي
 احتساب بينچ غيرقانوني الاٽمينٽ ڪيس ۾ اڳوڻي وزير
 ڄام معشوق علي جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، جنهن
 ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو،ساڳئي
 ڪيس ۾ عبدالله شاهه کي روپوش قرار ڏنو ويو.







No comments:

Post a Comment