Thursday 15 September 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (16th September) By: Dr. Pathan




** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي گورنر سرچارلس نيپيئر
 هندستاني سرڪار کي آگاهي ڏني ته حڪمران يار محمد پنهنجو
 وڪيل موڪلي اسان جي سرڪار سان معاهدو ڪرڻ جي
 آڇ ڪئي آهي.جنهن جي اجازت ڏني وڃي.
** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ٻه اهم تقريبون منعقد ٿيون، 
گهوگهاري ۾ خلافت ڪاميٽي جي عوامي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي،
 جنهن ۾ برطانيا جي ترڪي تي فتح واري معاملي تي غور 
ويچار ڪيو ويو، ترڪيءَ ۾ خلافت تحريڪ جي خاتمي جي 
مذمت ڪئي وئي، انهيءَ گڏجاڻي ۾ عوام کي چيو ويو ته
 اهو سياست ۾ ڀرپور حصو وٺي، جڏهن ته ڪراچي ۾ آريا 
سماج طرفان سالياني تقريب ٿي، ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته 
گذريل سال آريا سماج پتري پاٽشالا گرلز اسڪول لاءِ ماهوار
 100 رپيا جاري ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ اٽڪل 80 شاگر
دياڻين مفت ۾ تعليم حاصل ڪئي، جڏهن ته ڊي وي اي 
اسڪول کي ماهوار 200 رپيا امداد ڏني وئي، اهڙي طرح 
گجراتي اسڪول جي 75 شاگردن لاءِ
 پڻ ماهوار 100 رپيا منظور ڪيا ويا.
** 1932ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ بمبئي کان عليحدگي جو
 ڏهاڙو ملهايو ويو، سيپريشن ڊي دوران مختلف شهرن
 ۾ جلوس ڪڍيا ويا ۽ عوامي گڏجاڻيون ڪوٺايون ويون.
** 1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قمبر ۾ مسجد منزل گاهه 
بحالي ڪاميٽي جي گڏجاڻي ٿي، جنهن جي صدارت محمد ايوب 
کهڙو ڪئي، عبدالله هارون کي هٽائي محمد ايوب کهڙو 
کي بحالي ڪاميٽي جو چيئرمين بڻايو ويو هو، مسجد منزل
 گاهه بحالي ڪاميٽي ۾ ڪيترائي اڳواڻ شامل هئا، جڏهن
 ته قمبر ۾ الهه بخش سومرو جي سرڪار جي ڪمزورين 
بابت هڪ اسٽيج ڊرامو پڻ ڪيو ويو.
** 1978ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايران ۾ آيل زلزلي تباهي
 مچائي ڇڏي، جنهن ۾ 26 هزارن کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا
 ۽ هزارين زخمي ٿيا، ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 7.7
 رڪارڊ ڪئي وئي، ٽن منٽن جي زلزلي ايران جي ڏکڻ اولهه
 وارن علائقن کي لوڏي ڇڏيو، تباس جو علائقو شديد متاثر ٿيو، 
جيڪو تهران جي ويجهو آهي، 40 ڳوٺ مٽيءَ جو ڍير بڻجي ويا.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سي ٽي بي ٽي جي معاملي 
تي گڏيل مخالف ڌر قومي اسيمبلي جي اجلاس جو بائيڪاٽ
 ڪري ڇڏيو، ميمبرن جو چوڻ هو ته نواز حڪومت اقتدار
 بچائڻ لاءِ سي ٽي بي ٽي تي صحيح ڪرڻ چاهي ٿي.
 حڪومت پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ تيار ئي ناهي.

No comments:

Post a Comment