Saturday 17 September 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (18th September) By: Dr. Pathan




**1846ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي گورنر جنرل ايسٽ 
انڊيا ڪمپني جي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرز کي سفارش ڪئي
 ته سنڌ جي گورنر سرچارلس نيپيئر جي رٽائرمينٽ کانپوءِ
 سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي سان ڳنڍيو وڃي،
 جنهن کي سنڀالڻ لاءِ معاملا ڪمشنر حوالي ڪيا وڃن.
** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اپر سنڌ فرنٽيئر ضلعي 
(جيڪب آباد) لاءِ مقرر انگريزن جي پوليٽيڪل سپرنٽينڊنٽ 
ڪيپٽن ميري ويڌر سنڌ جي ڪمشنر سان قلات جي معاملي تي 
ڳالهه ٻولهه ڪئي، جتي وزير محمد حسين جي ڀاءُ محمد امين کي
 قيد ڪرڻ تي ڇڪتاڻ پيدا ٿي هئي، ڪمشنر کي ٻڌايو ويو ته
 تاج محمد زهري، مولا محمد رئيساڻي ۽ مير خان ڄام آف
 لسٻيلا پاڻ ۾ اتحاد ڪري خان آف قلات خلاف نافرماني جي
 تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
** 1921ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ ابراهم هال جي
 افتتاحي تقريب ٿي، ان موقعي تي هڪ اسٽيج ڊرامو پڻ پيش
 ڪيو ويو، اهو هال ڪراچي ۾ رهندڙ اسرائيلي ماڻهن
 ٺهرايو هو، اسرائيلي ڪميونٽي کي پنهنجي يونين هئي، 
جنهن جو ابراهم رين بن ڪيترائي سال صدر رهيو.
** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪانگريس طرفان 
سنڌ جي ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ گڏجاڻيون ڪوٺايون
 ويون ۽ تلڪ فنڊ ويڪ جو اعلان ڪيو ويو.
** 1949ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اين ڊبليو ايف پي
 (ڪي پي ڪي) حڪومت جو گادي وارو
 شهر نٿيا گلي مان پشاور منتقل ڪيو ويو.
** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي گورنر
 ميان امين الدين اڳوڻي وڏي وزير محمد ايوب کهڙي 
تي لڳل ڪرپشن جي الزام جي جاچ لاءِ حڪم ڏئي ڇڏيو.
** 1957ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ويسٽ پاڪستان اسيمبلي 
هڪ ٺهراءُ منظور ڪري پاڪستان حڪومت کان مطالبو 
ڪيو ته فوري طور تي ون يونٽ ختم ڪيو وڃي، اسيمبلي
 ۾ اهو ٺهراءُ نيپ جي ميمبرن طرفان آندو ويو.
** 1961ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل
 ڊيگ همارسڪجولڊ جهاز حادثي ۾ فوت ٿي ويو،
 هن دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڪيترائي امن مشن موڪليا،
 ڊيگ گڏيل قومن جي اداري جي ساک کي بهتر
 بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.سندس جهاز سان حادثو 
ڏکڻ آفريڪي ملڪ ويجهو پيش آيو، جتان سندس لاش
 ڪڍي سڃاڻپ ڪئي وئي، هن سان گڏ 12 ٻيا ساٿي به هئا، جيڪي پڻ فوت ٿي ويا.

No comments:

Post a Comment