Wednesday 6 July 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (6th July) By: Dr. Pathan



** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر اي
 جي برائون چارلس نيپيئر جي چوڻ تي سنڌ جي اڳوڻي
 حڪمران مير صوبدار خان ٽالپر جي پٽيشن بمبئي
 سرڪار جي سيڪريٽري کي موڪلي ڏني،
 جنهن ۾ اهو ڄاڻايو ويو ته سنڌ جي حڪمرانن پنهنجي
 پٽيشن ۾ انتهائي خراب ٻولي استعمال ڪئي آهي.
** 1938ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪلڪتا ڪارپوريشن
 ۾ ٿيل هڪ گڏجاڻي ۾ اهو سوال اٿاريو ويو ته بنگالين 
کي اردو لازمي سکڻي پوندي، گڏجاڻي ۾ ڪيترن ئي
 ڪائونسلرن چيو ته اهو رويو صحيح نه آهي، 
جڏهن ته انهن اها تجويز ڏني ته جنهن کي به بنگال ۾ 
رهڻو آهي يا ڪاروبار ڪرڻو آهي، ان کي بنگالي ٻولي لازمي سکڻي پوندي.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پير الاهي بخش کي
 ڪراچي جو انتظام وفاق حوالي ڪرڻ 
واري معاملي تي ڳالهين لاءِ نامزد ڪيو ويو.
** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان جي
 وفاقي حڪومت حڪم جاري ڪيو ته هندستان 
مان آيل مهاجرن بابت سروي ڪئي وڃي ته 
انهن مان ڪيترن کي ملڪيتون نه مليون آهن،
 انهيءَ سروي بعد بي گهر پناهگيرن کي
 سرڪار طرفان ملڪيتون الاٽ ڪيون ويون.
** 1961ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار
 علي ڀٽو کي پاڪستان جو وقتي پرڏيهي وزير مقرر ڪيو ويو.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۽ حيدرآباد
 ۾ اردو ڳالهائيندڙن طرفان هنگاما شروع ڪيا ويا،
 ٻولي وارن فسادن سبب ڪيتري ئي عرصي تائين
 امن امان جي صورتحال خراب رهي، حڪومت
 ۽ اردو ڳالهائيندڙ اڳواڻن نون ۽ پراڻن سنڌين ج
و اصطلاح استعمال ڪيو، رئيس امروهي جنگ ۾
 انهيءَ معاملي تي ڪالم لکي ٻرندي تي تيل هارڻ جو ڪم ڪيو.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل ضياءُالحق 
اقتدار تي قبضي کانپوءِ قوم کي خطاب ڪندي اهو
 واعدو ڪيو ته ملڪ ۾ جمهوريت 90 ڏينهن
 اندر بحال ڪئي ويندي ۽ نيون چونڊون ڪرايون
 وينديون، هن جسٽس عبدالقادر کي سنڌ جو گورنر
 مقرر ڪيو ۽ ٻين صوبن ۾ پڻ نوان عملدار مقرر ڪيا،
 واضح رهي ته جنرل  ضياءُالحق پنهنجو اهو واعدو
 پورو نه ڪيو هو، هو 11 سالن تائين اقتدار تي قابض رهيو.

No comments:

Post a Comment