Friday 29 July 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (29th July) By: Dr. Pathan



** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي حڪومت ڪيپٽن 
ينگ کي سنڌ ۾ جج ايڊووڪيٽ مقرر ڪيو،
 ان حوالي سان هڪ آرڊر پڻ جاري ڪيو ويو.
** 1849ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ميجر جيڪب سنڌ جي 
ڪمشنر کي آگاهي ڏني ته هز هائينس خان آف قلات 
۽ مير علي مراد خان ٽالپر آف خيرپور وچ ۾ علائقن 
جي سرحدن تان هلندڙ تڪرار حل ڪرايو ويو آهي،
 ٻنهي ڌرين ٽياڪڙي ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو آهي.
** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي شڪارپور جي ڪليڪٽر
 سنڌ جي ڪمشنر جي حوالي سان چيو ته سکر ۽ روهڙي
 توڙي صدر بازار ۽ پير سبرا وچ ۾ هلندڙ ٻيڙيون
 ڇڏيون ويون آهن، واضح رهي ته انهيءَ ڏينهن
 ۾ فيري سروس ٽرانسپورٽ ۽ ڪميونيڪيشن لاءِ استعمال ڪئي وئي.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اين ڊبليو ايف پي
 مسلم ليگ جي اڳواڻن الزام لڳايو ته صوبائي سرڪار
 خان عبدالغفار خان جي ملڪ دشمن سرگرمين جو نوٽيس ئي نٿي وٺي.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي دنيا جي ٻيو نمبر
 سڀ کان بلند چوٽي ڪي ٽو کي اٽلي جي جبل چاڙهو
 پروفيسر بيسيئو سر ڪري ورتو، واضح رهي ته دنيا
 جي مختلف ملڪن جا پروفيسر اهڙا ڪارناما سرانجام
 ڏيندا رهيا آهن پر اسان وٽ پروفيسر سياست ۾ ڪاهي پيا آهن.
** 1960ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ايوب خان
 ڪراچي ۾ قائداعظم محمد علي جناح
 جو مقبرو ٺاهڻ لاءِ پيڙهه جو پٿر رکيو.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سائين جي ايم سيد
 چيو ته سنڌ اسيمبلي مان منظور ڪرايل ٻولي وارو
 بل سنڌ ۽ سنڌين جي مفادن خلاف آهي.
** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پير پاڳاري کي
 گڏيل مسلم ليگ جو صدر چونڊيو ويو،
 جڏهن ته ممتاز دولتانه ۽ سردار شوڪت حيات کي پ پ
 جو پاسو وٺڻ تي پارٽي مان خارج ڪيو ويو.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي احمد رضا قصوري
 جي سندس والد نواب احمد جي قتل بابت درخواست
 جي ٻڌڻي شروع ڪئي وئي، واضح رهي ته انهيءَ 
ڪيس ۾ چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي.
** 1996ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آصف علي زرداري
 سميت وڌيڪ 15 نوان وفاقي ۽ 
مملڪتي وزير وفاقي ڪابينا ۾ شامل ڪيا ويا.

No comments:

Post a Comment