Wednesday 13 July 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (13th July) By: Dr. Pathan



** 1844ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي گورنر جنرل سکر،
 شڪارپور، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ تجرباتي بنيادن تي
 ڊسپينسريون قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني، ان حوالي
 سان هن حتمي پلان ۽ ڊسپينسرين تي ايندڙ لاڳت جي
 حوالي سان رپورٽ پڻ طلب ڪئي.جيڪا کيس بعد ۾ موڪلي وئي.
** 1856ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خيرپور جي ميرن کي
 پنهنجي جاگير جي ڳوٺن تي مالڪي جي دعويٰ جنگ
 جي ميدان تي آڻي بيهاريو، مير محمد خان سنڌ جي
 ڪمشنر سان رابطو ڪري مير علي مراد ٽالپر جي 
دور واري جاگير جي حدن کي بحال ڪرڻ جي گهر ڪئي،
 جنهن تي فيصلي جي تاريخ رکي وئي.
** 1903ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سمورن ضلعن جي آفيسرن
 کي هدايت جاري ڪئي وئي ته اهي پنهنجي پنهنجي
 نگراني ۾ رڪارڊ کي سنڀالي رکن، ڇو ته اهو مستقبل
 لاءِ مستند تاريخ ۽ ڄاڻ جو ذريعو آهي.
** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم لياقت علي خان
 ڪوريا جي دوري دوران آمريڪا جي خواهش تي
 ڪوريا ۾ فوج موڪلڻ بابت سوال جو جواب ڏيڻ
 کان انڪار ڪري ڇڏيو، ان وقت اهي خبرون رپورٽ
 ٿيون هيون ته پاڪستان آمريڪا جي دٻاءُ ۾ اچي
 پنهنجون فوجون ڪوريا موڪلي رهيو آهي.
** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مسلم ليگ پنجاب
 مان 474 عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي پارٽي مفادن خلاف 
ڪم ڪرڻ جو الزام هڻي نيڪالي ڏني وئي.
** 1960ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻن 
سينيئر سياستدانن محمد ايوب کهڙو ۽
 نواب اڪبر بگٽي کي نااهل قرار ڏنو ويو.
** 1962ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اسڪندر مرزا پنهنجي
 بيان ۾ چيو ته مون آمريڪي مشوري تي آئين 
کان مٿانهون قدم کنيو ۽ آئين کي معطل ڪيو.
** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽو
 چيو ته آمريڪي دٻاءُ تي عالمي بينڪ مالي
 سهڪار کان انڪار ڪيو آهي، تنهن ڪري اسان وٽ 
ان کانسواءِ ٻي واٽ ناهي ته پنهنجي پيرن تي بيهون ۽
 معاشي طور مضبوط ٿيون ۽ سياسي
 حاڪميت حاصل ڪري طاقتور بڻجون.
** 1966ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ويسٽ پاڪستان هاءِ ڪورٽ 
جي فل بئنچ مخالف ڌر جي 22 اڳواڻن کي ڊفينس آف
 پاڪستان قانون تحت حراست ۾ رکڻ خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي تعليم جو وفاقي وزير
 عبدالحفيظ پيرزادي خدشو ظاهر ڪيو ته سنڌ ۾ 
ٻوليءَ واري معاملي جي پويان ڪنهن جا سياسي 
مقصد ٿي سگهن ٿا. جنهن ڪري ئي صورتحال خراب ڪئي پئي وڃي.

No comments:

Post a Comment