Sunday 3 July 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (3rd July) By: Dr. Pathan


** 1844ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ليفٽيننٽ ڪرنل
آئوٽرام ميجر جنرل وليم نيپيئر کي خط لکي چارلس
نيپيئر جي سنڌ بابت پاليسي تي تنقيد ڪئي، بعد ۾
 سندس خط پريس ۾ شايع  ٿيا ۽ چارلس نيپيئر
 بابت ڪيترائي سوال اٿاريا ويا.
** 1856ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جي
 اپر سنڌ فرنٽيئر ضلعي بابت مقرر پوليٽيڪل سپرنٽينڊنٽ
 سنڌ جي ڪمشنر کي آگاهي ڏني ته مرين ۽ بگٽين وچ
 ۾ جهيڙو هلي رهيو آهي، جڏهن ته بگٽين جي
 ناٿاڻي شاخ جا ماڻهو وڏي مشڪلات ۾ آهن.
**1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي حڪومت سنڌ
 جي ڪمشنر  کي هدايت ڪئي ته گذري بندر ۽ ڪراچي
 هاربر وچ ۾ رستو ٺاهڻ، سنڌو درياءَ ۽ ڪياماڙي وچ
 ۾ واٽر سپلاءِ توڙي ڪراچي کي پيئڻ جو پاڻي فراهم
 ڪرڻ جي حوالي سان ٽن منصوبن تي پنهنجي راءِ پيش ڪريو.
** 1949ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان مسلم ليگ
جي اڳواڻن مسلم ليگ جي صدر چوڌري خليق الزمان
کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪشمور کان جيڪب آ
باد تائين ريلوي جي پٽڙي وڇائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو.
** 1958ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ون يونٽ وارو معاملو
 پنجاب جي اڳواڻن جي مٿي جو سور پڻ بڻجي ويو،
 وزيراعظم ملڪ فيروز خان نون چيو ته ون يونٽ
 اسڪيم تي نظرثاني ڪرڻ ۽ ان ۾ انتظامي حوالي
 سان تبديليون ڪرڻ جي ضرورت آهي.
** 1964ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي راجا گوپال
 آچاريه تجويز پيش ڪئي ته ڪشمير جو
انتظامي ڪنٽرول گڏيل قومن جي حوالي ڪيو وڃي،
 جيستائين پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ تڪرار جو ڪو حل نٿو نڪري.
** 1967ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قاضي فضل الله
ويسٽ پاڪستان منسٽري ۾ شامل ٿي ويو.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قومي اسيمبلي شملا
معاهدي جي توثيق ڪري ڇڏي، ذوالفقار علي ڀٽو
 انهيءَ معاملي کي وڏي ڪاميابي قرار ڏنو.
 اهو معاهدو 1971ع واري جنگ ۾ بنگال وارو
 علائقو پاڪستان کان ڌار ٿيڻ بعد پاڪستان ۽ ڀارت
 وچ ۾ ٿيو، جنهن تحت ڀارت والاريل علائقو ۽ گرفتار
 ڪيل 80 هزار فوجي واپس ڪيا.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان نيشنل الائنس
 حڪومت طرفان تجويز ڪيل ترميمن کي رد ڪري
 ڇڏيو ۽ پنهنجا نوان مطالبا ۽ تجويزون پيش ڪيون.


No comments:

Post a Comment