Thursday 14 July 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (14th July) By: Dr. Pathan



** 1909ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ناليواري سماج 
سڌارڪ ساڌو هيرانند جي  ورسي ملهائي وئي،
 براهمو سماج مندر طرفان ڪوٺايل تقريب ۾ سيٺ
 هرچند راءِ مشنداس، پروفيسر ايس سي شهاڻي ۽
 پروفيسر ٽي ايل واسواڻي شرڪت ڪئي، تقريب 
۾ ساڌو هيرانند جي زندگي تي روشني وڌي وئي.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مشهور اخبار روزاني
 ”الوحيد“ اها رپورٽ شايع ڪئي ته بئرسٽر جان محمد
 جوڻيجو هجرت تحريڪ لاءِ خصوصي ريل گاڏي بڪ
 ڪرائي آهي، جيڪا سنڌي مسلمانن کي پشاور
 ۽ افغانستان کڻي ويندي، لاڙڪاڻي جي ريلوي اسٽيشن
 تي 50 هزار ماڻهو موجود هئا.
جيڪي افغانستان منتقل ڪيا پئي ويا،
 بئريسٽر جان محمد جوڻيجي هجرت تحريڪ هلائي هئي،
 جيڪا بدقسمتي سان ڪامياب نه ٿي سگهي هئي.
** 1930ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قمبر ۾ سنڌي هندو ۽ مسلمان
 اڳواڻن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ خلافت ڪاميٽي ۽ ڪانگريس
 طرفان شروع ڪيل عدم تعاون تحريڪ جي حوالي سان 
غور ڪيو ويو، گڏجاڻي ۾ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو
 ته سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن،
 ان موقعي تي مکي گوبندرام ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.
** 1940ع ۾ سنڌ مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽي جي
 گڏجاڻي ڪراچي ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن جي صدارت
 حاجي عبدالله هارون ڪئي، انهيءَ گڏجاڻي ۾ مسجد منزل گاهه
 معاملي جي انڪوائري ۽ پارٽي جي نئين سر جوڙجڪ 
جي معاملن تي غور ڪيو ويو.
** 1942ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آل انڊيا ڪانگريس
 ڪاميٽي ٺهراءَ پاس ڪري ”هندستان خالي ڪريو“ تحريڪ جي حمايت ڪئي.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مسلم ليگ ون يونٽ جي
 حمايت ڪري ڇڏي، ان حوالي سان هڪ ٺهراءُ به پاس ڪيو ويو.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻي ۾ ٻوليءَ وارن فسادن
 دوران ڪرفيو لڳايو ويو. واضح رهي ته سنڌ اسيمبلي مان 
ٻولي وارو بل پاس ٿيڻ بعد ڪراچي
 سميت مختلف شهرن ۾ فساد شروع ٿي ويا هئا.
** 1977ع ۾ جنرل ضياءُالحق مارشل لا لڳائڻ واري
 قدم جو دفاع ڪندي چيو ته منهنجي انهيءَ قدم ملڪ کي
 گهرو ويڙهه کان بچائي ورتو آهي.

No comments:

Post a Comment