Monday 4 July 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (4th July) By: Dr. Pathan




** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان جي وزيراعظم لياقت علي خان آمريڪا مان لنڊن پهچڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان سرڪار ڪميونسٽن خلاف ڪارروائي ڪندي، جتي به ضروري هوندو ۽ جڏهن به ضرورت محسوس ڪئي ته ڪميونسٽن کي چٿيو ويندو.
** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وڏي وزير قاضي فضل الله اپوزيشن جماعتن کي خاطري ڪرائي ته شفاف چونڊن سميت جيڪي به مطالبا پيش ڪيا ويا آهن اهي هو وزيراعظم آڏو رکندو ۽ انهن کي منظور ڪرائڻ جي به ڪوشش ڪندو.
** 1962ع ۾ فيملي لاز ايڪٽ واپس وٺڻ تي سوين عورتن ايوان صدر اسلام آباد ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌي ٻوليءَ کي صوبي جي سرڪاري ٻولي جو درجو ڏنو ويو.
** 1976ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو واضح ڪيو ته وٽس ڀارت ۽ پاڪستان جي ٻٽي شهريت ناهي، ڀارت ۾ اسان جي خاندان جي جيڪا ملڪيت آهي، ان کي محفوظ ڪيو وڃي، ان لاءِ سڀ ڪوڊل فارملٽيز پوريون ڪندس. واضح رهي ته مخالف ڌر جي ڪجهه جماعتن اهو الزام لڳايو هو ته ذوالفقار علي ڀٽو ٻٽي شهريت رکي ٿو.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ۽ اڳوڻي صوبائي وزير زهير اڪرم نديم کي ساٿين سميت قتل ڪيو ويو، هو اورنگي واري علائقي ۾ زير تعمير پنهنجي گهر جو معائنو ڪري رهيو هو ته مٿس حملو ڪيو ويو، زهير اڪرم نديم پ پ دور ۾ ايم ڪيو ايم سان ڳالهيون ڪندڙ ڪاميٽي جو ميمبر رهيو  ۽ ايم ڪيو ايم جي دهشتگردي وارن واقعن تي کلي ڳالهائيندو هو.واقعي بعد علائقي ۾ ڪاروبار بند ٿي ويو.
** 2003ع ۾ آڄوڪي تاريخ تي ڪوئيٽا ۾ دهشتگردن امام بارگاهه اندر نمازين تي آپگهاتي حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ 49 نمازي شهيد ٿي ويا، 71 کان وڌيڪ نمازي زخمي ٿي پيا، واقعي بعد حالتون خراب ٿي ويون ۽ حڪومت ڪرفيو لڳائي ڇڏيو.ٽن آپگهاتي بمبارن ظهر جي نماز وقت اهو حملو ڪيو.
** 2007ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لال مسجد آپريشن شروع ٿيڻ بعد 3 هزارن کان وڌيڪ  شاگردن ۽ شاگردياڻين پاڻ کي پوليس حوالي ڪيو، مسجد جو خطيب مولانا عبدالعزيز فرار ٿيندي زال سميت پڪڙجي پيو. هو برقعو پائي مسجد جي پوئين پاسي کان فرار ٿي رهيو هو، جڏهن ته مولانا عبدالرشيد غازي سان مختلف شخصيتن ملاقاتون ڪيون ۽ کيس پيش پوڻ لاءِ چيو پر هن انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري انتظاميا آپريشن جاري رکڻ جو اعلان ڪيو. فضل الرحمان ۽ چوڌري شجاعت به معاملي کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا، واضح رهي ته بعد ۾ غازي عبدالرشيد سميت ڪيترن ئي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي بمباري ڪري ماريو ويو هو.

No comments:

Post a Comment