Friday 22 July 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (22nd July) By: Dr. Pathan



** 1919ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانوي حڪومت طرفان
ترڪيءَ تي قبضي کانپوءِ سنڌ سان تعلق رکندڙ ڪجهه اڳواڻن
 بمبئي سرڪار کي مبارڪباد جا پيغام موڪليا، انهن شخصيتن
 ۾ جيڪب آباد جو پرسرام بابومل، قمبر جو مختيارڪار
 داغچند آسرداس، نوابشاهه جو ڌرمداس
 ڀڳوانداس ۽ رتيديري جو زميندار شامل هئا.
** 1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ اسيمبلي جي
 اسپيڪر سيد ميران محمد شاهه خانبهادر محمد صديق ميمڻ 
سان گڏجي لاهور ۾ انجمن حمايت اسلام جي آفيس جو دورو ڪيو،
 سيد ميران محمد شاهه جي خواهش هئي ته هو
 اهڙي قسم جي تنظيم سنڌ جي مسلمانن لاءِ پڻ قائم ڪري.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي جو سڄو علائقو
 توڙي 56 هزار 68 اسڪوائر ميل جي ايراضي وفاقي
حڪومت جي ڪنٽرول ۾ ڏني وئي، ان حوالي سان گورنر جنرل
 هڪ نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو، واضح رهي ته ان
 وقت گورنر جنرل جي چارج وزيراعظم لياقت علي
 خان وٽ هئي ۽ قائداعظم محمد علي جناح 
زيارت ۾ بيماري واري حالت ۾ موجود هو.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي محمد ايوب کهڙو
 کي ٽنڊو آدم ۽ شهدادپور واري تڪ تان سنڌ اسيمبلي
 جو بنا مقابلي ميمبر چونڊيو ويو، واضح رهي ته ان 
وقت سنڌ ۾ ون يونٽ لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪوشش شروع 
ڪئي وئي هئي، محمد ايوب کهڙي سنڌ کي بمبئي 
پريزيڊنسي کان ڌار ڪرڻ واري تحريڪ ۾ اهم 
ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته ون يونٽ لاڳو ڪرائڻ 
واري معاملي ۾ پڻ ان جو اهم ڪردار هو.
** 1999ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪارگل ۾ 
ويڙهه بند نه ٿي، ٻن آفيسرن سميت وڌيڪ 25 ڀارتي
 فوجي مارجي ويا، پاڪستان موقف اختيار ڪيو ته
 اها ڪارروائي مجاهدن ڪئي آهي، هڪ مجاهد
 شهيد به ٿيو آهي، جڏهن ته ڀارت پاڪستان کي فيصلائتي
 ڪارروائي ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني، آمريڪا به جنگ ختم 
ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڏني، آمريڪي حڪومت
 پاڪستان کي پيغام موڪليو ته ڪارگل ۾ وڙهندڙ
 مجاهدن تائين اثر رسوخ وڌايو وڃي ۽ انهن کي
 واپس گهرايو وڃي، جڏهن ته پاڪ ڀارت فوجي 
عملدارن ۾ هاٽ لائين تي به رابطو ٿيو. 
** 2000ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هٽايل وزيراعظم نواز شريف
 کي اٽڪ قلعي ۾ قائم احتساب عدالت هيليڪاپٽر
 ريفرنس ۾ 14 سال سخت پورهئي سان قيد ۽ 2 ڪروڙ ڏنڊ 
جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته نواز شريف کي 21 سالن لاءِ نااهل 
به قرار ڏنو ويو. سيف الرحمان کي بري ڪيو ويو.
نواز شريف سزا ملڻ بعد ردعمل ۾ چيو ته اهو فيصلو 
عدالت نه جي ايڇ ڪيو جو آهي. جنرل پرويز مشرف مون کي نااهل قرار ڏياريو آهي.

No comments:

Post a Comment