Wednesday 20 July 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (20th July) By: Dr. Pathan



** 1909ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي جي انجمن مومنين 
رئيس غلام محمد ڀرڳڙي کي درخواست ڪئي ته هو انهيءَ 
تنظيم جي صدارت جو عهدو قبول ڪري،
 ان حوالي سان هن کي لکت ۾ درخواست پهچائي وئي.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي روزاني الوحيد 
پنهنجي ايڊيٽوريلز ذريعي عوام کي عدم تعاون تحريڪ
 بابت آگاهي ڏني ۽ ماڻهن کي اها صلاح ڏني وئي ته
 اهي خلافت تحريڪ جي اڳواڻن جا هٿ مضبوط ڪن،
 بعد ۾ انهيءَ عمل تي اخبار جي ايڊيٽر کي سزا پڻ
 آئي ۽ پابنديون به لڳيون. خلافت تحريڪ جي
 ڪاميابي ۾ الوحيد وڏو ڪردار ادا ڪيو.
** 1932ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي محمد ايوب کهڙي
 سنڌ آزاد جماعت جي پاران لنڊن ۾ گڏيل
 پارلياماني ڪاميٽي کي ميمورنڊم پيش ڪيو،
 جنهن ۾ اها درخواست ڪئي وئي هئي ته
 سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي کان ڌار ڪيو وڃي.
** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سردار عطاءُالله 
مينگل چيو ته هن وقت بلوچستان جون حالتون انتهائي
 خراب ٿي ويون آهن، هاڻي ذوالفقار علي ڀٽو سان
 وڌيڪ گڏ نٿو هلي سگهجي، هن جي دور ۾ بلوچستان
 سان انتقامي ڪارروائي ڪئي وئي آهي.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بلوچستان ۾ سياسي
 گهوٽالو وڌي ويو، نواز ليگ کان پوءِ پ پ به سردار
 اختر مينگل جي سرڪار جي حمايت واپس وٺي ڇڏي،
 جڏهن ته 7 باغي وزيرن جون استعيفائون منظور
 ڪيون ويون، ناراض گروپ صدر ۽ نواز شريف 
سان ملاقاتون شروع ڪري ڏنيون، پ پ سان لاڳاپيل
 صوبائي وزير بسم الله ڪاڪڙ اختر مينگل کي استعيفا
 جي صلاح ڏني، وزيراعليٰ مينگل جو چوڻ هو ته 
غيرجمهوري قوتن اهو سياسي بحران پيدا ڪيو آهي،
 اسان جي حڪومت کي هلڻ نه ڏنو ويو.
** 2000ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي
 سيڪريٽري ظفرالله خان اعلان ڪيو ته ڪالاباغ ڊيم جي 
اڏاوت جو فيصلو هلندڙ سال ٿي ويندو، عالمي مالياتي ادار
ا فنڊ ڏيڻ لاءِ راضي ٿي ويا آهن، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي 
هن اهڙو اعلان ڪيو، هن چيو ته ڊيم جي اڏاوت
 تي لاڳت جو ڪاٿو 6 ڏهائي هڪ ارب ڊالر آهي،
 ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ بعد سنڌ جي واهن ۾ سڄو سال
 پاڻي موجود هوندو، ڪالاباغ ڊيم ته سنڌ جي
 فائدي ۾ آهي، ان مان ڪوبه نقصان ناهي، 
هوڏانهن سنڌ سرڪار توڙي سنڌ جي سڄاڻ ڌرين پاڻي
 ۽ بجلي واري وفاقي سيڪريٽري جي اهڙي بيان کي
 رد ڪيو ۽ چيو ته ڪالاباغ ڊيم سنڌ لاءِ جيئڻ ۽
 مرڻ جو مسئلو آهي، اهو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.

No comments:

Post a Comment