Sunday 24 July 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (24th July) By: Dr. Pathan



** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سرچارلس نيپيئر مير
 سهراب خان ٽالپر بابت دستاويزن جي ڪاپي هندستان جي
 گورنر جنرل کي اماڻي ڇڏي،
 اهو تاريخ جو انتهائي اهم دستاويز هو، 
جنهن ۾ سنڌ جي ورهاست جو فارمولو موجود هو، 
سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائي 2 حصا مير رستم 
خان حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته هڪ حصو مير
 مبارڪ علي خان ۽ هڪ حصو مير مراد علي خان
 ٽالپر جي حوالي ڪيو ويو، ان دستاويز ۾ ٽالپر 
حڪمرانن جي حصي ۾ آيل زمينن
 ۽ ڳوٺن جا مڪمل تفصيل ڏنا ويا هئا.
** 1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ مسلم ليگ طرفان ٺاهيل
 مسجد منزل گاهه بحالي ڪاميٽي جي گڏجاڻي سکر ۾ محمد ايوب 
کهڙي جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ مسجد منزل
 گاهه واري اشو بابت سنڌ حڪومت جي پاليسي
 جي مذمت ڪئي وئي ۽ اهو فيصلو ڪيو ويو ته
 صوبي ۾ 18 آگسٽ تي مسجد منزل گاهه ڏهاڙو ملهايو ويندو.
** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ اسيمبلي جي 
چونڊن لاءِ هندستان مان آيل مهاجرن جي 60 نمائندن 
پارٽي ٽڪيٽ لاءِ درخواستون جمع ڪرايون،
 اهي درخواستون سنڌي ماڻهن طرفان داخل ڪرايل
 درخواستن کان گهٽ نه هيون، ان حوالي سان معاملي
 تي بحث لاءِ سنڌ مسلم ليگ پارلياماني بورڊ جي گڏجاڻي
 ڪوٺائي وئي، جنهن جي صدارت محمد ايوب کهڙي ڪئي.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪميونسٽ پارٽي آف 
پاڪستان ۽ سندس ذيلي تنظيمن کي غير قانوني قرار
 ڏئي ان جي سرگرمين تي پابندي لڳائي وئي.
** 1964ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مخالف ڌر جي پارٽين 
جي اتحاد سي او پي جي گڏجاڻي ڍاڪا ۾ گهرائي وئي، 
جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته اتحاد طرفان گڏجي ايندڙ
 چونڊن ۾ حصو ورتو ويندو، اتحاد ۾ شامل جماعتن ان ڳالهه
 تي اتفاق ڪيو ته منشور ۾ پارلياماني سسٽم لاڳو ڪرڻ،
 صوبائي خودمختياري ڏيڻ، عدليه جي آزادي ۽ سياسي
 پارٽين تي لڳايل پابندي ختم ڪرڻ جا نقطا شامل ڪيا ويندا.
** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مولانا ڀاشاني پاڪستان
 سرڪار کان مطالبو ڪيو ته پاڪستان سينٽو، سيٽو ۽ ٻين 
فوجي اتحادن مان ٻاهر نڪري اچي.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ هنگامن
 سبب صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي، ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪرفيو لڳايو ويو.

No comments:

Post a Comment