Thursday 28 July 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (28th July) By: Dr. Pathan



** 1909ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي جي انجمن مومنين
 رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي کي درخواست ڪئي ته هو 
انجمن جي صدارت سنڀالي، جنهن تي
 رئيس غلام محمد ڀرڳڙي مثبت موٽ ڏني.
**  1920ع ۾  اڄوڪي تاريخ تي سنڌ خلافت ڪاميٽي
 اهو اعلان ڪيو ته حڪومت سان ڪنهن به قسم
 جو سهڪار نه ڪيو وڃي، جنهن کانپوءِ مختلف
 ضلعن سميت لاڙڪاڻي ضلعي ۾ به ڪيترن ئي
 خلافتي ورڪرن سرڪاري نوڪرين تان
استعيفائون ڏئي ڇڏيون، انهن ۾ پرائمري اسڪول منگواڻي
 جو استاد الهه بخش، جهان خان، محمد حسين، امداد علي، 
هوت خان، سومار، حاجي احمد، مريد احمد،
 پوليس اهلڪار محمد بخش، محمد موسيٰ،
 نور محمد، سرائي محمد خان گوپانگ ۽ سرائي
 الهڏنو سيال شامل هئا، جن مختلف کاتن ۾ نوڪريون ڇڏي ڏنيون.
** 1934ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ چوٿين سنڌ
 آزاد ڪانفرنس شروع ٿي، جنهن جي صدارت
 غلام حسين هدايت الله ڪئي، انهيءَ ڪانفرنس
 گهرائڻ جو مقصد سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ
 لاءِ عوامي راءِ جوڙڻي هئي، واضح رهي ته
 ان کان اڳ ۾ به اهڙيون ڪيتريون ئي ڪانفرنسون 
منعقد ڪيون ويون، جن ۾ شيخ عبدالمجيد 
سنڌي سميت ڪيترن ئي اڳواڻن شرڪت ڪئي.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سوات، 
دير ۽ چترال جي علائقن کي ويسٽ پاڪستان سان ملايو ويو.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گرفتار ڪيل
 سڀني سياسي اڳواڻن کي آزاد ڪيو ويو،
 انهن اڳواڻ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ مولانا مفتي محمود پڻ شامل هئا.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سپريم ڪورٽ
صدر طرفان بنيادي حق معطل ڪرڻ واري اعلان
 کي غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته ايمرجنسي 
کي برقرار رکيو، چيف جسٽس اجمل ميان جي
 سربراهي ۾ بينچ ايمرجنسي ڪيس جو فيصلو ٻڌايو،
 7 ججن تي ٻڌل فل بينچ جي سربراهه چيف جسٽس
 اجمل ميان رمارڪس ڏيندي چيو ته پاڪستان مارشل
 لائن ۽ ايمرجنسي سبب نقصان ڀوڳيو آهي، اوڀر
 پاڪستان وارو سانحو به انڪري پيش آيو.
 صدر رفيق تارڙ ملڪ ۾ انساني حق معطل
 ڪري ايمرجنسي جو اعلان ڪيو هو.
** 2000ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ سرڪار
 ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ لاءِ واپڊا طرفان شروع ڪيل
 ڪوششن جي مذمت ڪندي چيو ته سنڌ جو عوام
 ڪڏهن به ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ نه ڏيندو.

No comments:

Post a Comment