Monday 11 July 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (11th July) By: Dr. Pathan



** 1842ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هزهائينس مير نصير خان ٽالپر
 انگريز عملدار ميجر آئوٽرام کي خط لکي شڪايت ڪئي ته
 شڪارپور کان 26 ميلن ۽ خانڳڙهه کان 10 ميلن جي مفاصلي
 تي موجود روجهاڻ قلعي تي قلات جي نصير خان جي 
ماڻهن قبضو ڪري ورتو آهي، جيڪو خالي ڪرايو وڃي.
** 1908ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مشهور سماج سڌارڪ ديوان
 ديارام گدومل شهاڻي سيوا ساڌن سڀا نالي سان تنظيم قائم ڪئي،
 جنهن جو مقصد عوام کي سماجي خدمتون فراهم ڪرڻ هو،
 عورتن کي تعليم ڏيڻ، ليڊي سوشل ورڪر تيار ڪرڻ لاءِ 
هن تنظيم وڏو ڪم ڪيو، بعد ۾ هن تنظيم جون شاخون پونا،
 احمد آباد ۽ ٻين علائقن ۾ پڻ قائم ڪيون ويون.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سياسي سرگرمين لاءِ 4
 خصوصي ٽرينون بڪ ڪرايون ويون، جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾
 هڪ اهم ريفرنس آهي، واضح رهي ته سنڌ جي سياسي جدوجهد
 دوران پهرين ٽرين سنڌ ڪانگريس طرفان بڪ ڪرائي وئي هئي،
 سنڌ ڪانگريس جي اڳواڻن کي پنجاب ۾ رٿيل ڪانگريس سيشن
 ۾ شرڪت ڪرڻي هئي، جڏهن ته 1938ع ۾ سنڌ مسلم ليگ ڪانفرنس
 طرفان ڪراچي کان حيدرآباد لاءِ ٽرين بڪ ڪرائي وئي،
 جڏهن ته سورهيه بادشاهه پير پاڳارو جڏهن جيل مان آزاد ٿيو
 هو ته هو پڻ خصوصي ٽرين ذريعي سنڌ پهتو،
 اهڙي طرح هجرت تحريڪ دوران جان محمد جوڻيجو
 خلافتي ورڪرن لاءِ خاص ٽرين بڪ ڪرائي،
 جيڪا سنڌين کي پشاور ۽ ملتان تائين کڻي وئي.
** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مادر ملت فاطمه جناح کي
 حلال احمر اعزاز سان نوازيو ويو.
** 1959ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾
 واپار جي هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون،
 پاڪستان جي واپار واري وزير ذوالفقار علي ڀٽو اعلان ڪيو
 ته آمريڪا کانسواءِ دنيا جي ٻين ملڪن سان پڻ واپاري معاهدا ڪيا ويندا.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار
 اسلامڪ ريسرچ جي اڳوڻي ڊائريڪٽر فضل الرحمان
 جي مذهب بابت لکيل ڪتاب تي پابندي لڳائي وئي.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ٻولي وارن فسادن سبب
 ٺٽو پڻ سخت متاثر ٿيو، ضلعي انتظاميا قلم 144 لاڳو
 ڪري هڪ کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏجڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي.
** 1975ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پنجاب جي وڏي
 وزير حنيف رامي استعيفا ڏئي ڇڏي.

No comments:

Post a Comment