Sunday 31 July 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (31st July) By: Dr. Pathan



** 1832ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايسٽ انڊيا ڪمپني
 حڪومت پارڪر جي امن امان جي خراب صورتحال تي 
ڳڻتي جو اظهار ڪيو، مير مراد علي خان ٽالپر سنڌ جي
 فورسز کي هدايت ڪئي ته اهي واپس اچن، هن جڳت
 سنگهه ۽ پونجاجي کي پڻ واپس اچڻ لاءِ چيو، جڏهن 
ته ٻئي طرف کان جوڌپور جي راجا کي چيو ويو ته هو
 امن امان جي حوالي سان سهڪار ڪري.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هجرت ڪاميٽي ريلويز 
جي ٽرئفڪ مئنيجر سان خصوصي ٽرين ڏيڻ لاءِ رابطو ڪيو،
 انهيءَ ريل ذريعي سنڌين کي افغانستان موڪلڻو هو، 
ڪاميٽي کي چيو ويو ته اها مسافرن جي تعداد، روانگي 
جي تاريخ سميت ٻيا تفصيل فوري طور فراهم ڪري.
واضح ته بئريسٽر جان محمد جوڻيجي هجرت تحريڪ
 شروع ڪئي هئي، جنهن دوران سنڌ مان هزارين ماڻهن
کي ريل رستي پشاور کان افغانستان نيو ويو هو، افغانستان۾ 
سنڌ جي ماڻهن سان وڏيون زيادتيون ڪيون ويون.
** 1926ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سيٺ هرچند راءِ وشنداس
ديارام ڄيٺانند لائبريري جو افتتاح ڪيو، جيڪا هندو ٽائون
 پيپلز ايسوسيئيشن طرفان قائم ڪئي وئي هئي، واضح
 رهي ته مسلمان سياستدانن لائبريريون کولڻ سميت اهڙا
 تعليمي ڀلائي وارا ڪم بلڪل گهٽ ڪيا.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اين ڊبليو ايف پي
 (خيبرپختونخواهه) مسلم ليگ صوبائي حڪومت تي
 الزام لڳايو ته اها خان عبدالغفار خان جي سياسي
 سرگرمين جو ڪوبه نوٽيس نه ٿي وٺي،
 سندس سرگرمين جي نگراني ٿيڻ گهرجي.
** 1958ع ۾ مالي سال جي جي شروعاتي پنجن مهينن
دوران پاڪستان ۾ مالياتي خسارو 2 ڪروڙ رپين تائين پهچي ويو.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي احمد رضا قصوري جي 
درخواست تي سندس والد  نواب قصوري جي قتل ڪيس 
جي ٻڌڻي شروع ڪئي وئي، واضح رهي ته هن ڪيس ۾
 ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي هئي.
** 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي دنيا جي ٻن سپر پاور قوتن 
آمريڪا ۽ سوويت يونين  ائٽمي وار هيڊ گهٽائڻ لاءِ تاريخي
 معاهدي تي صحيح ڪئي. واضح رهي ته انهيءَ معاهدي
 تي عمل ڪرڻ کان اڳ ئي سوويت يونين ٽٽي وئي. معاهدو
 9 سالن جي ڳالهين کانپوءِ ٿيو هو.

No comments:

Post a Comment