Monday 25 July 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (26th July) By: Dr. Pathan



** 1840ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ ٽالپرن جي حڪمراني اڃا برقرار
 هئي ته ان دوران ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ماڻهن انڊس 
فلوٽيلا جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو، اڄوڪي تاريخ تي
 بمبئي سرڪار انڊين نيوي جي سپرنٽينڊنٽ ڪئپٽن
 رابرٽ اوليور کي هدايت ڪئي ته سنڌو  درياءَ ۾
 هلندڙ ٻيڙي انڊس فلوٽيلا جي حوالي سان قاعدا ۽
 ضابطه جوڙيا وڃن ۽ مسودو منظوري لاءِ موڪليو وڃي،
 واضح رهي ته بعد ۾ ڪراچي کان ملتان تائين سنڌو درياءَ
 ۾ ٻيڙا هلايا ويا پر 1857ع ۾ اها سروس پرشين مهم سبب روڪي وئي.
** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ هندستان مان
 آيل پناهگيرن جلوس ڪڍيو ۽ بحالي جو مطالبو ڪيو،
 مهاجرن جو چوڻ هو ته وزيراعظم لياقت علي خان جيڪي
 واعدا ڪيا هئا، اهي پورا ناهن ڪيا ويا.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان جي وفاقي سرڪار
 اڻوڻندڙ سرگرميون ڪرڻ تي روس جي 
سفارتڪارن تي پابنديون لڳائي ڇڏيون.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گهرو وزير ميجر
 جنرل اسڪندر مرزا حڪم جاري ڪيو ته ريڊ شرٽ
 تحريڪ سان لاڳاپيل سياستدانن کي ون يونٽ خلاف
 تحريڪ هلائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حڪومت آمريڪي 
سفارتڪارن طرفان سياستدانن سان ملاقاتون ڪرڻ ۽
 پاڪستان جي مختلف اشوز بابت انهن کان راءِ وٺڻ
 واري معاملي جو نوٽيس ورتو، حڪومت آمريڪي
 سفارتڪارن کي وارننگ ڏني ته اهي
 اهڙين سرگرمين کان پاسو ڪن.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀارتي ڪابينا شملا معاهدي
 جي منظوري ڏئي ڇڏي، ذوالفقار علي ڀٽو شملا معاهدو
 ڪري تاريخي ڪم ڪيو پر پوءِ به کيس ڪجهه مشڪلاتن 
کي منهن ڏيڻو پيو، ٻولي وارن فسادن سبب پنجاب ۽ سنڌ ۾
 پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيل شملا معاهدي تي تنقيد ڪئي وئي،
 ٻئي پاسي صدر ذوالفقار علي ڀٽو ٻولي وارن فسادن جو
 نوٽيس ورتو ۽ امن امان جي بحالي لاءِ
 انتظاميا کي هدايتون جاري ڪيون.
** 1996ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي 15 پارٽين تي ٻڌل
 مخالف ڌر جي اتحاد حڪومت کي گهر موڪلڻ
 لاءِ جدوجهد جو پلان فائنل ڪري ورتو.
** 1997ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مهاجر قومي موومينٽ جو
 نالو تبديل ڪري متحده قومي موومينٽ رکڻ جو اعلان ڪيو ويو.
 اشتياق اظهر، اجمل دهلوي، فاروق ستار ۽ ٻين
 اڳواڻن نائن زيرو تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته
پارٽي جو جهنڊو ساڳيو رهندو، رابطا ڪاميٽي به ڪم ڪندي رهندي.

No comments:

Post a Comment