Monday 18 July 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (18th July) By: Dr. Pathan



** 1914ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ شري برهما 
کاستري ساهتيا منڊلي جو قيام عمل ۾ آندو ويو،
 سيٺ نارائڻ داس وليرام، ڊاڪٽر نرسيداس پيتمبرداس سوڍو، 
جامنداس ولڀداس ساڌاڻي، روچيرام گهنگهارام ساڌاڻي، 
پهلاج راءِ هارومل ۽ مانڪ لال مگهومل ڄيٺملاڻي هن
 سماجي تنظيم جا باني ميمبر هئا، واضح رهي ته روچيرام 
ساڌاڻي پنهنجي دور جو وڏو ليکڪ هو، هن اهڙي قسم
 جي سماجي تنظيم قائم ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.
** 1932ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ سان تعلق رکندڙ
 پروفيسر جي ايس ڪرپلاڻي، جيڪو گانڌي آشرم جو ڊائريڪٽر 
پڻ هو، کي ڪرمنل لا ترميمي ايڪٽ تحت 6 
مهينا سخت پورهئي سان سزا ٻڌائي وئي.
** 1935ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي مان 
شايع ٿيندڙ اخبار الوحيد پنهنجن مسلسل لکيل
 ايڊيٽوريلز ۾ جي ايم سيد ۽ ٻين اڳواڻن طرفان 
هارين جا ووٽ داخل نه ڪرائڻ واري معاملي
 تي تنقيد ڪئي، اخبار لکيو ته انهن اپر ڪلاس
 جي اڳواڻن ڪجهه سال اڳ هاري ڪاميٽي صرف
 پنهنجن مفادن جي تحفظ لاءِ ٺاهي هئي،
 اهي هاري ۽ پورهيت طبقي جي ڀلائي نٿا چاهين،
 هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته لوئر ڪلاس
 جي غريب ماڻهن جو ووٽ بينڪ ٺاهيو وڃي.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پهرين اسپيشل
 ٽرين هندستان مان پناهگيرن کي کڻي ڪراچي پهتي، 
اها هندستان مان سنڌ ڏانهن وڏي هجرت جي شروعات هئي،
 ان کانپوءِ وڏي تعداد ۾ ماڻهو سنڌ ۾ داخل ٿيا.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سرڪار هڪ 
آرڊيننس جاري ڪيو ته پاڪستان جو عبوري
 آئين گورنر جنرل کي اهي اختيار ڏئي ٿو ته هو
 ڪنهن به صوبائي حڪومت کي برطرف ڪري سگهي ٿو،
 واضح رهي ته اهو آرڊيننس ان وقت جاري ٿيو جڏهن 
قائداعظم زيارت ۾ بيمار پيل هو ۽ هن جي طبيعت ڏاڍي خراب هئي.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وفاقي حڪومت لاهور
 هاءِ ڪورٽ جي فل بئنچ جي ڏنل فيصلي خلاف نظرثاني
 درخواست سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪئي، لاهور هاءِ 
ڪورٽ راولپنڊي سازش ڪيس ۾ فيصلو ٻڌايو هو.
** 1993ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ملڪ جو سياسي
 سيٽ اپ تبديل ٿي ويو، اسيمبليون برطرف ڪيون ويون،
 صدر اسحاق خان ۽ وزيراعظم نواز شريف
 استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، جنهن بعد عالمي بينڪ جي
 صدر معين قريشي کي گهرائي نگران وزيراعظم بڻايو ويو
 ۽ اعلان ڪيو ويو ته قومي اسيمبلي جون چونڊون 6 آڪٽوبر
 ۽ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون 9 آڪٽوبر
 تي ڪرايون وينديون، نگران وزيراعظم معين
 قريشي عهدو سنڀاليندي ئي ملڪ ۾ نوان سڌارا
آڻڻ جو اعلان ڪيو، هن وي آءِ پي پروٽوڪول کي
واپس ڪندي عام ماڻهن وانگر بسن ۾ سفر ڪيو
 ۽ سڀني وزيرن کي به اها صلاح ڏني، هو وي
 آءِ پي ڪلچر جي خاتمي جو حامي هو پر هن جي
 ڪوششن باوجود وي آءِ پي ڪلچر ختم نه ٿيو.

No comments:

Post a Comment