Tuesday 19 July 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (19th July) By: Dr. Pathan



** 1909ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر
 مسٽر رائيٽ ڪراچي جي اين جي وي هاءِ اسڪول ۾ ڪوٺايل
 تعليمي ڪانفرنس جي صدارت ڪئي، ڪانفرنس ۾ ايلگو
 ورڪيولر اسڪولس ڪورس تي بحث ڪيو ويو،
 ڪانفرنس ۾ اين ايڇ اڪيڊمي حيدرآباد جي پرنسپال ۽ 
ٻين استادن توڙي تعليمي ماهرن شرڪت ڪئي.
** 1910ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر لاڙڪاڻي جي
 ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي انتظاميا کي هدايتون جاري
 ڪيون ته دادو، بوبڪ، وارهه ۽ ٻين 
شهرن ۾ ميڊيڪل ڊسپينسريون کوليون وڃن.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هجرت تحريڪ دوران سنڌين
 جو پهريون قافلو افغانستان جي شهر جلال آباد پهتو، خلافت
 ڪاميٽي حڪومت خلاف تحريڪ دوران هجرت جو
 اعلان ڪيو هو، خلافت ڪاميٽي جو فيصلو هو ته
 سرڪار ترڪي ۽ اسلام مخالف پاليسي ترڪ ڪري.
** 1921ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي امن سڀا طرفان لاڏيون
 ڳوٺ ۾ شاخ قائم ڪئي وئي، جنهن جو صدر خير محمد چانڊيو،
 نائب صدر ميٺا رام اجيت سنگهه، سيڪريٽري ويرو مل پرمانن
 ۽ خزانچي ٻولچند ڀوپتراءِ کي چونڊيو ويو،
 جڏهن ته ورڪنگ ڪاميٽي ۾ پڻ ڪيترائي ماڻهو کنيا ويا،
 اها تنظيم خلافت ڪاميٽي جي مخالفت ۾ سرڪار طرفان جوڙائي وئي هئي.
** 1936ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ سوشلسٽ
 ڪانفرنس شروع ٿي، جنهن ۾ پنڊت جواهر لال نهرو پڻ
 شرڪت ڪئي، ڪانفرنس ۾ ڪانگريس کي صلاح ڏني وئي
 ته هو پنهنجي سوشلسٽ پروگرام تي عمل ڪري.
** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم لياقت علي خان
چيو ته اسان پاڪستان کي آمريڪا وانگر بڻائڻ چاهيون ٿا.
** 1958ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سرڪار عام چونڊون
 فيبروري 1959ع تائين ملتوي ڪري ڇڏيون.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مسلم ليگي اڳواڻ
 چوڌري محمد علي هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو ته
 شيخ مجيب الرحمان 6 نقطا پاڻ نه لکيا هئا پر
 اها ڪنهن ٻئي جي اسائنمينٽ هئي.

No comments:

Post a Comment