Wednesday 27 July 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (27th July) By: Dr. Pathan


** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي سرڪار سنڌ ۾
 مواصلاتي نظام جي بهتريءَ لاءِ ٻن تجويزن تي غور
 ڪرڻ شروع ڪيو، ليفٽيننٽ جنرل جيڪب جو اسرار
 هو ته شڪارپور کان ڪراچي تائين ٽرنڪ روڊ ٺاهيو وڃي،
 جڏهن ته هڪ ٻي تجويز اها هئي ته سنڌو درياءَ جي
 مٿان پل ٺاهي وڃي، انهن تجويزن مان سنڌ جي ڪمشنر
 پل جي تعمير واري تجويز جي حمايت ڪئي.
** 1929ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آل انڊيا مسلم نيشنلسٽ پارٽي
 نالي ٺاهيل نئين جماعت طرفان ڀارتي شهر الهه آباد 
۾ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن جي صدارت مولانا ابوالڪلام
 آزاد ڪئي، اها ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو مقصد 
مسلمانن ۾ قوميت جو جذبو اڀارڻ هو.
** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاهور ۾ قاديانين
 خلاف احتجاج ڪندڙن تي شيلنگ ڪئي وئي، مظاهرين
 جو مطالبو هو ته پرڏيهي وزير چوڌري ظفر الله کي 
وزارت تان هٽايو وڃي ۽ قاديانين کي اقليت جو درجو ڏنو وڃي.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گهرو وزير اسڪندر مرزا
 اعلان ڪيو ته ون يونٽ ايندڙ 
ٻن هفتن اندر لاڳو ڪيو ويندو. 
واضح رهي ته بعد ۾ ون يونٽ لاڳو ڪري صوبائي
 خودمختياري تي ضرب لڳائي وئي،
 جنهن خلاف سنڌ ۾ زبردست قسم جو احتجاج ٿيو،
 سنڌ وڏي عرصي تائين ون يونٽ کي ڀوڳيو.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ذوالفقار علي ڀٽو
 ٻوليءَ وارن فسادن کي حل ڪرڻ لاءِ اردو 
ڳالهائيندڙن تي واضح ڪيو ته سنڌي اردو
 ٻولي جي مخالفت نٿا ڪن، تاريخ شاهد آهي ته
 سنڌين ورهاڱي وقت ايندڙ اردو ڳالهائيندڙ ماڻهن
 کي وڏو مان ڏنو. ان ڪري هنگامن ڪرڻ جو
 ڪوبه فائدو ناهي، ٻولي وارو بل پاس
 ٿيڻ سان اردو کي ڪوبه نقصان نه ٿيندو.
** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جماعت اسلامي بنگلاديش
 کي تسليم ڪرڻ واري معاملي جي مخالفت ڪري ڇڏي،
 جڏهن ته جي يو آءِ مطالبو ڪيو ته حمود الرحمان ڪميشن
 جي رپورٽ عوام لاءِ پڌري ڪئي وڃي.
** 1984ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل ضياءُالحق 
جي مجلس شوريٰ قصاص ديت آرڊيننس جي منظوري ڏئي ڇڏي.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ اسيمبليءَ تڪراري
 ڪالاباغ ڊيم خلاف ٺهراءُ پيش ڪرڻ واري رٿ
 اڪثريت راءِ سان رد ڪري ڇڏي،ڊپٽي اسپيڪر 
سيد جلال محمود شاهه جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس
 ۾ نثار کهڙي رٿ پيش ڪندي ڪالاباغ ڊيم خلاف ٺهراءُ
 آڻڻ جي اجازت گهري، جنهن جي وڏي وزير لياقت جتوئي
 سميت سرڪاري ڌر جي ميمبرن مخالفت ڪئي،
 ٻئي پاسي ساڳئي اجلاس ۾ اسپيڪر نواب مرزا
 کي هٽائڻ لاءِ مخالف ڌر جي عدم اعتماد واري 
رٿ ناڪام ٿي وئي، اسپيڪر جي حق ۾ 62 ۽ مخالفت ۾ 33 ووٽ پيا.

No comments:

Post a Comment