Saturday 2 July 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (2nd July) By: Dr. Pathan



** 1921ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مانجهند ۾ انگريز
 سرڪار جي حامي امن سڀا جي شاخ قائم ڪئي وئي،
جنهن جو صدر تيجو مل خانچند ۽ سيٺ تهيليرام
 مرچنٽ کي سيڪريٽري بڻايو ويو، امن سڀا خلافت
 تحريڪ خلاف ڪيتريون ئي گڏجاڻيون منعقد ڪيون.
** 1949ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي چوڌري خليق الزمان
 بنگال جي مولوي فضل الحق تي الزام لڳايو ته هو
 مسلم ليگ جي مفادن خلاف ڪم ڪري رهيو آهي،
 واضح رهي ته مولوي فضل الحق لاهور ۾ آل انڊيا
 مسلم ليگ جي سالياني اجلاس ۾ پاس ٿيل قرارداد
 پاڪستان آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو، جنهن کي
 1940ع وارو ٺهراءُ به چيو ويندو آهي.
** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هاري تحريڪ نئين
 تاريخ لکي ڇڏي، هاري تحريڪ طرفان اهو فيصلو
 ڪيو ويو ته سنڌ اسيمبلي آڏو وڏو احتجاج ڪيو ويندو
 ۽ ايم پي ايز کي ميمورينڊم پيش ڪيو ويندو، هاري
 تحريڪ بعد ۾ اسيمبلي آڏو احتجاج ڪري ميمبرن
 تي دٻاءُ وڌو ويو ته اهي ٽيننسي ايڪٽ پاس ڪرائين،
 بعد ۾ ٻئي ڏينهن تي سنڌ اسيمبلي ۾ ٽيننسي ايڪٽ آندو ويو.
** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ سرڪار پير
 الاهي بخش جي سياسي سرگرمين تي لڳايل پابندي
 ختم ڪري ڇڏي، پير الاهي بخش کي اليڪشن
 ٽربيونل طرفان 1949ع ۾ ڇهن سالن لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو هو.
** 1959ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي فرسٽ ڪلاس ۽
سيڪنڊ ڪلاس جي 739 آفيسرن جون خدمتون ختم
 ڪيون ويون ۽ کين برطرف ڪيو ويو.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌي ٽائيپ رائيٽر
 مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ آندو ويو،
 ان کان اڳ ۾ سنڌي ۾ ٽائيپ رائيٽنگ نه ٿي سگهندي هئي.
** 2001ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ججز ٽيپ
 اسڪينڊل جي ٻئي ڪردار سپريم ڪورٽ جي
جج جسٽس راشد عزيز پڻ صدر پرويز مشرف
 کي پنهنجي استعيفا موڪلي ڏني، جڏهن ته
جسٽس قيوم کي رٽائر ڪيو ويو، سپريم ڪورٽ
 بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري جي اپيل تي راشد عزيز
 ۽ جسٽس قيوم کي جانبدار ۽ تعصب پرست قرار
 ڏيندي انهن طرفان ڏنل سزا کي ڪالعدم قرار ڏنو هو،
 جسٽس قيوم 26 جون تي صدر کي استعيفا موڪلي
 ڏني هئي، ايوان صدر مان سندس رٽائرمينٽ
جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.


No comments:

Post a Comment