Tuesday 12 July 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (12th July) By: Dr. Pathan




** 1836ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار ڪرنل پوٽينجر
 هندستاني حڪومت کي خط لکي آگاهي ڏني ته مير نور محمد خان
 ٽالپر سان دوستي لاءِ کيس انبن جا 5 اٺ ڀري
 موڪليا ويا آهن ته جيئن لاڳاپا بهتر ٿي سگهن.
** 1903ع ۾ اڄوڪي تاريخ لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ ڪليڪٽر
 ايل جي مائونٽ فورڊ سنڌ جي ڪمشنر کي آگاهي ڏني
  ته لاڙڪاڻي ۾ پراڻي دور جي رڪارڊ کي محفوظ ڪرڻ 
جي حوالي سان ڪوششون ڪيون ويون آهن، جولاءِ 1901ع 
۾ سرڪاري رڪارڊ سکر ۽ ڪراچي شفٽ ڪيو ويو هو،
سنڌي ۾ لکيل انهيءَ رڪارڊ جو ڪسٽوڊين ڪليڪٽر جو
 هيڊ منشي هو، جڏهن ته انگريزي وارو
 رڪارڊ هيڊ ڪلارڪ جي حفاظت ۾ ڏنو ويو.
** 1926ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ سنڌ جرنلسٽ
 ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ جرنلسٽ سوسائٽي ٺاهي وئي،
 سنڌ جي صحافين کي متحد ڪرڻ ۽ اظهار جي 
آزادي لاءِ اهي پهريون ڪوششون هيون.
** 1927ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي محمد علي جوهر اخبارن
 ۾ ڪالم لکي جسٽس دليپ سنگهه کي هٽائڻ
 واري مسلمانن جي مطالبي جي مخالفت ڪئي.
** 1930ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ هاري ڪانفرنس
 ميرپورخاص ۾ ڪوٺائي وئي، جنهن جي صدارت جمشيد
 مهتا ڪئي، ڪانفرنس ۾ وڏن زميندارن ۽ پيرن شرڪت ڪئي،
 واضح رهي ته اپر ڪلاس جي ماڻهن ۽ زميندارن بئراجي
 زمين حاصل ڪرڻ لاءِ هارين جو نالو
 استعمال ڪيو ۽ پنهنجا مفاد حاصل ڪيا.
** 1949ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گهرو معاملن ۽ اطلاعات
 جي وفاقي وزير خواجا شهاب الدين سنڌي پريس کي اپيل
 ڪئي ته سنڌين ۽ مهاجرن کي هڪٻئي جي 
ويجهو آڻڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو وڃي.
** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم خواجا ناظم
 الدين سنڌ چيف ڪورٽ کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪيو.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گهرو وزير ميجر
 جنرل اسڪندر مرزا خان عبدالغفار خان جي سياسي
 سرگرمين تي لڳل پابندي ختم ڪري ڇڏي.
** 1963ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاهور هاءِ ڪورٽ
 ۾ عبدالباقي بلوچ درخواست داخل ڪئي ته حڪومت
 کي اهو آرڊر ڏنو وڃي ته اها 3000 اسڪوائر
 ميل بلوچستان جو علائقو ايران جي حوالي نه ڪري.
** 2000ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پ پ چيئرپرسن بينظير ڀٽُو
 هڪ انٽرويو ڏيندي چيو ته اسان سمجهو ته نواز شريف
 جي حڪومت جو خاتمو جمهوري عمل ڏانهن وٺي ويندو
 پر بدقسمتي سان جمهوريت کي ئي پٽڙي تان لاٿو ويو
 آهي. جنهن تي اسان کي ڳڻتي آهي، پرويز مشرف اقتدار
 تي قابض ٿي ويو آهي ۽ هن قوم سان جيڪي
 واعدا ڪيا هئا، اهي به پورا نه ڪيا اٿس.

No comments:

Post a Comment