Tuesday 5 July 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (5th July) By: Dr. Pathan


** 1851ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر بمبئي سرڪار
 کي خط لکي سنڌ ۾ لاڳو بٽئي سسٽم کان آگاهه ڪيو.
** 1929ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪانگريس جي ورڪنگ
 ڪاميٽي جي گڏجاڻي نئين دهلي ۾ ٿي، جنهن ۾ سڀني اسيمبلي
 ميمبرن ان راءِ جو اظهار ڪيو ته
 اسان سڀني کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خان عبدالغفار خان
 جي پٽ خان غني ۽ خان عبدالله جي پٽ ڊاڪٽر خان
 توڙي ماسٽر عبدالڪريم کي قلم 40 تحت گرفتار ڪيو ويو.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان جي صوبائي
 حڪومتن ڪميونسٽ پارٽي کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو
 ۽ سندس سرگرمين تي پابندي لڳائي ڇڏي.
** 1961ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانيا پختونستان
 واري معاملي تي پاڪستان جي حمايت ڪئي، 
افغانستان پاڪستان ۾ پختونستان صوبي جي حق ۾ راءِ ڏني.
** 1976ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بلوچستان ۾ 
انجنيئرنگ ۽ ڪيڊٽ ڪاليج ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي
 ڊڪٽيٽر جنرل ضياءُالحق جمهوريت تي راتاهو
 هڻي ملڪ جي پهرئين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو
 جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو،
 هن وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي گرفتار ڪري 
ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي ڇڏي ۽ اسيمبلين کي برطرف
 ڪري ڇڏيو، سڄي ملڪ ۾ مارشل لا رول جو
 اعلان ڪيو ويو ۽ بنيادي حق معطل ڪيا ويا.
 ان حوالي سان پ پ پاران هر سال 5 جولاءِ
 تي ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو آهي.
** 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي فراڊ اسڪينڊل سبب
 بئنڪ آف انگلينڊ کي بند ڪيو ويو، 
جنهن سان ڏيڍ لک کان وڌيڪ کاتيدار متاثر ٿيا.
** 1999ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان جي 
پرڏيهي ترجمان اعلان ڪيو ته ڪارگل ۾ وڙهندڙ
 مجاهدن کي جنگبندي جي اپيل ڪري سگهون ٿا
 پر انهن کي مجبور نٿا ڪري سگهون، مجاهدين
 ڪارگل ۾ ڪارروائي ڪري ڪشمير مسئلي تي
 عالمي برادري جو ڌيان ڏيارڻ ۾ ڪامياب ويا آهن،
 ٻئي پاسي آمريڪي عملدارن جو چوڻ هو ته صدر بل
 ڪلنٽن وزيراعظم نواز شريف سان رابطو ڪيو
 آهي ۽ نواز شريف کيس خاطري ڪرائي آهي ته
 ڪارگل مان فوج ۽ مجاهدن کي واپس گهرايو ويندو،
 جڏهن ته قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي جماعتن مطالبو
 ڪيو ته ڪلنٽن  ۽ نواز شريف وچ ۾ ٿيل ٺاهه بابت 
قوم کي اعتماد ۾ ورتو وڃي، ٻئي پاسي فوجي ترجمان 
جو چوڻ هو ته ڪارگل مان فوج جي واپسي بابت نه
 ڪو ٺاهه ٿيو آهي ۽ نه ئي اسان جلد علائقو خالي ڪنداسين.


No comments:

Post a Comment