Saturday 23 July 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (23rd July) By: Dr. Pathan



** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي گورنر جنرل سنڌ جي
 گورنر چارلس نيپيئر کي خط لکي هدايت ڪئي ته هزهائنيس مير
 مراد علي خان ٽالپر جي زمينن بابت جاچ ڪئي وڃي،
 جن تي مير رستم خان قبضو ڪيو آهي ۽ ان
 حوالي سان ضروري ڪاغذ موڪليا وڃن.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جو اهم ترين شهر ڪراچي 
وفاقي حڪومت جي ڪنٽرول ۾ اچي ويو ۽ هاشم رضا
 کي پهريون ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته 
ڪاظم رضا کي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس بڻايو ويو،
 سنڌ جا ماڻهو صوبي جي وڏي شهر جي مستقبل
 بابت ڳڻتي جو شڪار ٿي ويا، ان وقت ڪجهه قومپرستن
الزام لڳايو ته هندستان مان آيل مهاجرن جي ووٽ بئنڪ
 ذريعي ڪراچي کي محفوظ تڪ بڻايو پيو وڃي.
 ڪراچي کي وفاقي گادي وارو شهر بڻائڻ تي
 به سنڌ جي ماڻهن ڳڻتي جو اظهار ڪيو هو.
** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾
 هندستان مان لڏي آيل مهاجرن وزيراعظم هائوس 
جو گهيراءُ ڪيو ۽ جلوس ڪڍيو، هنن جو مطالبو
 هو ته سندن بهتر نموني بحالي ڪئي وڃي.
** 1961ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سوويت يونين جي
 اختيارين ان شڪ جو اظهار ڪيو ته ايران، 
پاڪستان ۽ ترڪي جي اتحاد کي سوويت
 يونين خلاف استعمال ڪري سگهجي ٿو.
** 1963ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي غلام نبي ميمڻ ۽ 
محمد خان جوڻيجو کي ويسٽ پاڪستان منسٽري ۾ شامل ڪيو ويو.
** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان افغانستان جي 
نئين حڪومت کي تسليم ڪري ورتو.
** 1974ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي يونان ۾ فوجي
 حڪومت ناڪام ٿي وئي ۽ اڳوڻي وزيراعظم
 ڪونسٽينٽائن کي واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو،
 هن کي دعوت ڏني وئي ته هو ڏيهه واپس اچي.
** 1988ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جمهوريت جي بحالي
 لاءِ ٺاهيل اتحاد ايم آر ڊي جي اڳواڻن چونڊون غير
 جماعتي بنيادن تي ڪرائڻ واري جنرل ضياءُالحق
 جي اعلان کي رد ڪري ڇڏيو، ايم آر ڊي جو
 مطالبو هو ته چونڊون فورن ڪرايون وڃن ۽ اهي
 جماعتي بنيادن تي ٿيڻ گهرجن. جڏهن ته جنرل ضياءُ الحق 
اهو اعلان ڪيو هو ته چونڊون ٿينديون پر اهي 
غيرجماعتي بنيادن تي ڪرايون وينديون. 
واضح رهي ته جنرل ضياءَ چونڊن جو اعلان ته 
ڪيترائي ڀيرا ڪيو پر آخر تائين هن چونڊون نه ڪرايون 
۽ ڊگهي عرصي تائين اقتدار ۾رهيو. 
هو 17 آگسٽ 1988ع تي بهاولپور ويجهو هڪ جهاز حادثي ۾ مارجي ويو هو.

No comments:

Post a Comment