Monday 25 July 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (25th July) By: Dr. Pathan



** 1938ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گانڌي آل انڊيا مسلم ليگ
 کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، هن جو خيال هو
 ته آل انڊيا مسلم ليگ سڄي هندستان جي ماڻهن جي
 نمائندگي نٿي ڪري، ان حوالي سان هن قائداعظم محمدعلي جناح 
کي خط پڻ لکيو، جنهن تي قائداعظم محمد علي جناح کي سخت تشويش ٿي.
** 1947ع ۾ لارڊ مائونٽ بيٽن چيمبر آف پرنسز کي خطاب 
ڪندي چيو ته ڀارت يا وري پاڪستان جي حوالي سان
 فيصلا ڪرڻ کان اڳ ۾ اتان جي جاگرافيائي صورتحال، 
اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ معاملن توڙي عوام جي مرضي کي ضرور ڏٺو وڃي.
** 1966ع ۾ ٺٽي سان تعلق رکندڙ شخصيت اين ايم عقيلي
 کي وفاقي ناڻي وارو وزير مقرر ڪيو ويو.
** 1974ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو 
چيو ته آئون بلوچستان ۾ آپريشن بند ڪرڻ جو حڪم نٿو ڏئي
 سگهان ۽ نه ئي فوج کي واپس گهرايو ويندو، ائين ڪرڻ
 سان حڪومت جي ڪمزوري ظاهر ٿيندي، پ پ حڪومت 
۾ بلوچستان ۾ آپريشن شروع ڪرڻ تي قومپرست اڳواڻن 
سخت تحفظات جو اظهار ڪيو هو ۽ ذوالفقار ڀٽو تي تنقيد ڪئي وئي هئي.
** 1978ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ضياءُالحق جي
 حڪومت ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت بابت
 اڇو چٺو جاري ڪيو، جنهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو
 تي ڪيترائي الزام لڳايا ويا.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سپريم ڪورٽ بينظير ڀٽو
 کي گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ٻڌايو، لاهور هاءِ ڪورٽ 
]احتساب عدالت آڏو پيش نه ٿيڻ تي سندس وارنٽ جاري ڪيا هئا،
 جيڪي سپريم ڪورٽ معطل ڪري ڇڏيا، بينظير ڀٽو
 دبئي کان ڪراچي پهچڻ جو اعلان ڪيو هو.
** 2000ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪالا باغ ڊيم خلاف 
پونم طرفان شروع ڪيل تحريڪ جي سلسلي ۾ سکر
 ۾ ڪارڪنن احتجاج شروع ڪيو ته پوليس مٿن ڪڙڪي پئي،
 چڪرين دوران پوليس مظاهرين تي لٺبازي ۽ شيلنگ ڪئي،
 جنهن ۾ 34 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، جڏهن ته سکر
 پوليس رسول بخش پليجي سوڌو 200 کان وڌيڪ ڪارڪنن
 کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس سڄي شهر کي ڪڙو
 چاڙهي ڇڏيو هو، لينسڊائون پُل کي به بند ڪيو ويو،
 دڪان بند نه ڪرڻ تي 20 واپاري به حراست ۾ ورتا ويا،
 پونم گرفتارين ۽ تشدد خلاف سڄي سنڌ ۾ ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو.

No comments:

Post a Comment