Saturday 16 July 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (16th July) By: Dr. Pathan



** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر سپرنٽينڊنگ
 سرجن کي هدايت جاري ڪئي ته حب نديءَ جي ويجهو
 علائقي لکڻ جو جائزو وٺي ان جي سينيٽيريم فٽنيس
 رپورٽ موڪلي وڃي، بعد ۾ سپرنٽينڊنگ سرجن
 ڊاڪٽر هنٽر پنهنجي رپورٽ ڪمشنر وٽ جمع ڪرائي.
** 1901ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز سرڪار پاران 
بمبئي روينيو ڪوڊ جي قلم 7 تحت نوٽيفڪيشن جاري
 ڪري لاڙڪاڻو ضلعو قائم ڪيو ويو،
 نوٽيفڪيشن تي بمبئي حڪومت جي چيف سيڪريٽري 
جي وي پي ميڪنزي جي صحيح ٿيل هئي.
** 1919ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز وائسراءِ پنهنجي
 اتحادين جي هڪ تقريب ڪوٺائي، جنهن ۾ لاڙڪاڻي
 جي پنڊت پنچنداس شيوالا ۽ شهدادپور جي پيرو مل 
شرڪت ڪئي ۽ بمبئي حڪومت کي مبارڪباد ڏني.
** 1921ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد ضلعي جي
 ڪانگريس ڪاميٽي ضلعي جي مختلف اسڪولن جي 
شاگردن کان اسڪالر شپ لاءِ درخواستون گهرائي ورتيون،
 ڪانگريس ڪاميٽي طرفان ڄاڻايو ويو ته ٽن شاگردن
 کي في شاگرد 15 رپيا ڏنا ويندا ته جيئن اهي عليڳڙهه
 يونيورسٽي ۽ گجرات وديا پٿ ۾ تعليم حاصل ڪري سگهن.
** 1943ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ مسلم ليگ
 جي سڏ تي واپار جو ڏهاڙو ملهايو ويو،
 جنهن ۾ ڪيترن ئي واپارين شموليت ڪئي.
** 1946ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي پي ڊبليو ڊي
 جي وزير محمد ايوب کهڙي ڪراچي جي ڊي جي
 سنڌ ڪاليج ۾ سنڌ جي سياست جي عنوان هيٺ ليڪچر ڏنو،
 اهو پروگرام شيخ عبدالمجيد سنڌي طرفان منعقد ڪرايو ويو هو.
** 1993ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مخالف ڌر حڪومت
 خلاف لانگ مارچ ملتوي ڪري ڇڏيو، ذريعن جو
 چوڻ هو ته مخالف ڌر جي اڳواڻ بينظير ڀٽو
 اسلام آباد ۾ صدر غلام اسحاق خان ۽ آرمي چيف 
عبدالوحيد ڪاڪڙ سان ملاقاتون ڪرڻ بعد لانگ 
مارچ ملتوي ڪيو، بينظير ڀٽو کي خاطري ڪرائي
 وئي ته قومي اسيمبلي ٽوڙي چئني صوبن ۾ غيرجانبدار
 نگران حڪومتون جوڙيون وينديون، ان کانپوءِ شفاف
 چونڊون ٿينديون، اهڙي خاطري تي بينظير ڀٽو
 وزيراعظم نواز شريف خلاف لانگ مارچ تان هٿ کڻي وئي،
 ان کان اڳ پ پ اڳواڻ فاروق لغاري صدر غلام اسحاق خان 
سان ملاقات ڪئي ۽ صدر جو پيغام کڻي لاهور آيو، 
جتي هن بينظير ڀٽو کي صورتحال کان آگاهه ڪيو. 
ذريعن اهوبه چيو ته وزيراعظم نوازشريف اسيمبلي
 ٽوڙڻ لاءِ صدر کي ايڊوائيس موڪلڻ تي راضي ٿي ويو آهي.

No comments:

Post a Comment