Saturday 9 July 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (10th July) By: Dr. Pathan



** 1850ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برگيڊيئر جنرل ڪمانڊنگ
 سنڌ ڊويزن لاڙڪاڻو ڪينٽونمينٽ جي حدن جي حوالي
 سان هڪ پلان تيار ڪري سنڌ جي
 ڪمشنر کي منظوري لاءِ موڪلي ڏنو.
** 1921ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خلافت تحريڪ جي 
مخالفت ۾ ٺاهيل تنظيم امن سڀا جون سجاول، ٻيلو ۽ ٺٽي
 جي ٻين شهرن ۾ شاخون قائم ڪيون ويون، ٻيلو شهر
 ۾ سيد صديق شاهه کي صدر بڻايو ويو.
**1932ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آل انڊيا نيشنل لبرل فيڊريشن
 جي ڪائونسل گول ميز ڪانفرنس خلاف ٺهراءُ پاس ڪيو،
 گول ميز ڪانفرنس ۾ انگريز حڪومت کي حمايت ڏني وئي هئي.
** 1946ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آل انڊيا مسلم ليگ جي
 جنرل سيڪريٽري نوابزاده لياقت علي خان پريس 
ڪانفرنس ڪندي چيو ته موجوده صورتحال ۾ آئين 
ساز اسيمبلي ۾ مسلمانن جو وڃڻ خودڪشي جي برابر هوندو.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانوي وزيراعظم
 ڪليمينٽ ايٽلي محمد علي جناح کي پاڪستان جو
 پهريون گورنر جنرل مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي.
** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سعادت حسين منٽو
 کي آزاد ڪيو ويو، جڏهن ته علامه مشرقي، جيڪو 
ڊاڪٽر خانصاحب قتل ڪيس ۾ مک جوابدار هو،
 هن عدالت ۾ لڳايل الزامن کي رد ڪيو.
** 1963ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽو
 آمريڪا طرفان ڀارت کي فوجي امداد ڏيڻ تي احتجاج
 ڪندي چيو ته آمريڪا طرفان ڀارت کي 
امداد ڏيڻ سان ڪيترائي شڪ شبها پيدا ٿيا آهن.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ٻولي وارن
 فسادن دوران ڪراچي جو امن تباهه ٿي ويو، 
سنڌ حڪومت ٻولي تحريڪ جي حوالي سان خبرن
 بابت سينسر شپ جو حڪم جاري ڪيو،
 ذوالفقار علي ڀٽو چار رڪني ڪاميٽي ٺاهي جنهن
 کي اهو مينڊيٽ ڏنو ويو ته اها مسئلو حل ڪري.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مارشل لا حڪومت
 هڪ آرڊر جاري ڪيو ته سياسي سرگرمين 
تي پابندي هوندي، جيڪڏهن ڪنهن به سياسي سرگرمي
 ۾ حصو ورتو ته ان کي 5 سال قيد جي سزا ٻڌائي ويندي.
** 1978ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ميان عباس اعتراف
 ڪيو ته محمد احمد خان قصوري جي قتل سازش ۾ سندس ڪردار شامل آهي.

No comments:

Post a Comment