Saturday 30 July 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (31st July) By: Dr. Pathan



** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اپر سنڌ لاءِ مقرر ڪليڪٽر سنڌ
 جي ڪمشنر کي درخواست ڪئي ته روهڙي ۾ روڊ ٺاهڻ لاءِ
 رٿا جي منظوري ڏني وڃي ۽ ان حوالي سان 3300 رپيا بجيٽ
 به منظور ڪئي وڃي، درخواست ۾ روڊ تي خرچ ايندڙ رقم بابت 
اهو چيو ويو ته ڪجهه رقم فيري فنڊ مان ۽ ڪجهه وري
 ميونسپل فنڊ مان ڏني وڃي. روڊ ٺهڻ سان علائقي ۾ ترقي ۾ واڌ ٿيندي.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ملڪ ۾ قاديانين جي معاملي
 تي شروع ٿيل وڳوڙن ۽ هنگامن جي جاچ لاءِ سرڪار
 طرفان هڪ ٽربيونل جوڙيو ويو، جنهن جاچ مڪمل
 ڪري پنهنجي رپورٽ پنجاب سرڪار وٽ جمع ڪرائي،
 واضح رهي ته ان دور ۾ قادياني مخالف تحريڪ گهڻ
 زور ورتو هو، جنهن ڪري پنجاب سميت مختلف
 علائقن ۾ هنگاما ۽ وڳوڙ شروع ٿي ويا هئا.
** 1966ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگلينڊ تاريخ 
۾ پهريون ڀيرو فٽبال ورلڊڪپ کٽي ورتو،
 ورلڊڪپ ٽورنامينٽ جي شروعات 1930ع 
کان ٿي وئي هئي پر انگلينڊ کي اها ڪاميابي
 1966ع ۾ حاصل ٿي، لنڊن جي اسٽيڊيم ۾ ٿيل
 فائنل ۾ برطانوي راڻي ۽ شهزادي فلپ به 
ميچ ڏٺي هئي، اٽڪل 93 هزار ماڻهو ميدان ۾ ميچ ڏسڻ لاءِ پهتا هئا.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حڪومت سياسي جماعتن 
جي سرگرمين تي لڳل پابنديون نرم ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون،
 سياسي اڳواڻن کي چيو ويو ته اهي بند ڪمري ۾ گڏجاڻيون
 ڪري سگهن ٿا ۽ ڪنوينشن به بند ڪمري ۾ ڪن،
 جڏهن ته عوامي جاين تي سياسي جلسا
 ڪرڻ تي پابندي برقرار رکي وئي.
** 1978ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ليفٽيننٽ جنرل چشتي
 دعويٰ ڪئي ته احتساب ٿيڻ بعد ذوالفقار علي ڀٽو جي
 حڪومت پنهنجو نالو، مقبوليت ۽ جمهوري سڃاڻپ وڃائي ڇڏي.
** 1993ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي نگران وزيراعظم معين 
الدين قريشي واشنگٽن ۾ آمريڪا جي نائب صدر سان ملاقات
 ڪئي ۽ اهو چيو ته پاڪستان وٽ ايٽمي 
هٿيار ٺاهڻ جي اهليت ۽ فني سهولت موجود آهي.
** 1996ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ملڪ ۾ نوان
 ٽيڪس لاڳو ڪرڻ خلاف ٽرانسپورٽرن هڙتال
 جو سڏ ڏئي ڇڏيو، جنهن ڪري ملڪ جي مختلف
 شهرن ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ بند رهڻ ڪري
 شهرين کي وڏي تڪليف کي منهن ڏيڻو پيو.

No comments:

Post a Comment